سکر-حيدرآباد موٽروي رٿا لاءِ 30 ارب رپيا مختص

اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري وزير ٻڌايو ته ڪراچي کان چمن تائين قومي شاهراهه اين-25 کي ٻه طرفي شاهراهه بڻائڻ لاءِ 100  ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته سکر-حيدرآباد موٽروي منصوبي لاءِ 30 ارب رپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي-روهڙي ريلوي سيڪشن جي ايم ايل ون منصوبي لاءِ 25 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.سندس موجب، ديامر ڀاشا ڊيم لاءِ 14 ارب رپيا ۽ مهمند ڊيم لاءِ 22 ارب رپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه، ڪراچي جي پاڻي جي فراهمي واري ڪي فور منصوبي لاءِ 10 ارب رپيا، جڏهن ته داسو هائيڊرو پاور منصوبي لاءِ 15 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.