نوان ٽيڪس نه لڳايا ويا آهن:ايف بي آر عملدار

اسلام آباد(بيورو)نئين مالي سال جي بجيٽ اعلان کان پوءِ فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جي اختيارين ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين جي شرح ۾ تبديلي بابت ٽيڪنيڪل بريفنگ ڏني، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هن ڀيري بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي، بلڪه انهن  هنڌن تي تبديليون ڪيون ويون آهن جتي وڌيڪ ٽيڪس ورتو پيو وڃي يا جتي ٽيڪس چوري جا مسئلا وڌيڪ آهن.ايف بي آر اختيارين موجب پاڪستان جي معيشت ۾ وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جي گنجائش موجود نه آهي، تنهنڪري هاڻي معاشي استحڪام کان پوءِ معاشي ترقي طرف وڌڻ ضروري آهي، جنهن لاءِ ٽيڪس جي شرح گهٽائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.اختيارين جو چوڻ هو ته هن بجيٽ ۾ نوان ٽيڪس لڳائڻ بدران رڳو ايڊجسٽمينٽ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايف بي آر پنهنجي مانيٽرنگ نظام ۽ ڏنل رعايتن جي نظرثاني ذريعي آمدني وڌائيندو.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال دوران ايف بي آر انفورسمينٽ جي ذريعي 389 ارب رپيا وصول ڪيا آهن، جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ به اهڙين ئي ڪاررواين ۽ نفاذي قدمن ذريعي لڳ ڀڳ 450 ارب رپين جي وصولي جو هدف رکيو ويو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.