وفاقي ڪابينا پاران بجيٽ جي منظوري، عوام لاءِ بهتري جي دعويٰ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، جنهن دوران ڪابينا ايندڙ مالي سال جي بجيٽ دستاويزن ۽ مالي بل جي مسودي جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جي به منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ٻن مرحلن ۾ واڌ ٿيندي، گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾  وڌيڪ واڌ ٿيندي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پنهنجي حڪومت جي ٽين بجيٽ پيش ڪرڻ وارا آهيون. اميد آهي ته بجيٽ اسان جي معيشت کي وڌيڪ تيزي سان اڳتي وٺي ويندي. سڀني معاشي چئلينجن جي باوجود، اسان هڪ بهتر بجيٽ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان کي شمسي، هوائي ۽ بيٽري اسٽوريج جهڙن توانائي جي ذريعن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسان کي پاڻي جا ذخيرا ۽ ڊيم ٺاهڻا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.