دفاعي بجيٽ ۾ 18 سيڪڙو واڌ،3 هزار ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (بيورو)وفاقي حڪومت نئين مالي سال 2026-27ع لاءِ دفاعي بجيٽ جي مد ۾ 3 هزار ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. هي دفاعي بجيٽ هلندڙ مالي سال جي نظرثاني ٿيل 2 هزار 595 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 18 سيڪڙو وڌيڪ آهي.بجيٽ دستاويزن موجب دفاعي خرچن جو اندازو 3 هزار ارب رپيا لڳايو ويو آهي، جيڪو هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 450 ارب رپيا وڌيڪ آهي. علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ دفاعي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نئين مالي سال لاءِ دفاعي بجيٽ ۾ 18 سيڪڙو  واڌ ڪندي ان کي 3 هزار ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪا مجموعي وفاقي بجيٽ جو لڳ ڀڳ 15 سيڪڙو بڻجي ٿي.نئين مالي سال جي دفاعي بجيٽ ۾ پاڪ فوج لاءِ 1 هزار 284 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پاڪ فضائيه لاءِ 573 ارب رپيا ۽ پاڪ بحريه لاءِ 293 ارب رپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.ان جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال ۾ پاڪ فوج لاءِ 1 هزار 184 ارب رپيا، پاڪ فضائيه لاءِ 520 ارب رپيا ۽ پاڪ بحريه لاءِ 273 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا.انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال دوران دفاعي بجيٽ 2 هزار 550 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي هئي، جنهن کي نظرثاني بعد وڌائي 2 هزار 595 ارب رپيا ڪيو ويو.نئين مالي سال ۾ فوجي پينشن جي مد ۾ 822 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ فوجي پينشن لاءِ 742 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا.هلندڙ مالي سال دوران دفاعي بجيٽ ۾ انتظامي خرچن لاءِ 7 ارب 95 ڪروڙ رپيا رکيا ويا هئا، جيڪي نظرثاني کان پوءِ وڌي 11 ارب 74 ڪروڙ رپيا ٿي ويا. نئين مالي سال لاءِ انتظامي خرچن جي مد ۾ 10 ارب 90 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.نئين مالي سال جي دفاعي بجيٽ ۾ ملازمن سان لاڳاپيل خرچن لاءِ 967 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ انهن خرچن لاءِ 846 ارب رپيا رکيا ويا هئا، جيڪي نظرثاني بعد 851 ارب رپيا ٿي ويا.ساڳئي ريت، نئين مالي سال ۾ آپريشنل خرچن لاءِ 743 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ اهي خرچ 704 ارب رپيا هئا، جيڪي نظرثاني بعد 721 ارب رپيا ٿي ويا.محمد اورنگزيب چيو  ته بجيٽ 2026-27ع ۾ دفاعي بجيٽ ۾ واڌ جو فيصلو ملڪ جي سيڪيورٽي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ٻن صوبن ۾ امن امان جي خراب صورتحال سبب دفاعي بجيٽ وڌائي وئي آهي.محمد اورنگزيب چيو ته جن شعبن ۾ ڪرپشن ۽ مالي ليڪيجز موجود آهن، انهن کي درست ڪرڻ ضروري آهي. ملڪ جي معيشت جي بهتري لاءِ ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر ماڻهن کي به لازمي طور ٽيڪس ڏيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.