پگهارن ۽ پينشن ۾ رڳو 7 سيڪڙو واڌ،گاڏيون،کاڄرو تيل مهانگو،دوائون سستيون،ننڍن دڪاندارن تي فڪسڊ ٽيڪس

اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز) وفاقي حڪومت مالي سال 2026-27ع لاءِ 18 هزار 771 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏيو آهي. بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ به 7 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت ۾  10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي ،قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب 18 هزار 771 ارب رپين تي ٻڌل وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي.پنهنجي تقرير ۾ ناڻي واري وزير چيو ته هو اتحادي جماعتن جا ٿورائتا آهن ۽ حڪومت جو ٽيون بجيٽ پيش ڪرڻ سندن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته "بنيان مرصوص” ۾ ڪاميابي تاريخ جو روشن باب آهي، گذريل سال ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو ويو ۽ اڄ سڄي دنيا پاڪستان جي دفاعي قوت کي تسليم ڪري ٿي، جڏهن ته ڪيترائي ملڪ پاڪستان جا جنگي جهاز پنهنجي هوائي فوج ۾ شامل ڪرڻ چاهين ٿا.محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي معاهدو ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو، ۽ اسان تي هڪ مقدس ۽ وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي.هن ٻڌايو ته موجوده مالي سال دوران ٻوڏ جي نقصانن ۽ آمريڪا-ايران جنگ جهڙين حالتن باوجود معاشي واڌ جي شرح 3.7 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. وڏي پيماني واري صنعتڪاري جي واڌ 6.1 سيڪڙو ۽ خدمتن واري شعبي جي واڌ 4.1 سيڪڙو رهي. معيشت جو حجم 452 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته في ماڻهو آمدني 1751 ڊالرن مان وڌي 1901 ڊالر ٿي وئي آهي.ناڻي واري وزير موجب گذريل ٻن سالن ۾ پاليسي ريٽ ۾ تاريخي گهٽتائي آئي آهي. ناڻي جا ذخيرا، جيڪي ٽي سال اڳ 4 ارب ڊالر هئا، هاڻي وڌي 17 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ٿي ويا آهن، جيڪي ٽن مهينن جي درآمدن لاءِ ڪافي آهن.هن چيو ته گذريل مالي سال ترسيلات زر 38 ارب ڊالر هئي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي پهرين يارهن مهينن ۾ به اها 38 ارب ڊالر تائين پهچي چڪي آهي ۽ سڄي سال دوران 41 ارب ڊالرن کان وڌڻ جو امڪان آهي.ايندڙ مالي سال لاءِ معاشي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو ۽ مهانگائي جي اوسط شرح 8.2 سيڪڙو رهڻ جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي. بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 3.6 سيڪڙو ۽ پرائمري سرپلس 2 سيڪڙو رکڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.ايف بي آر جي ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف 15 هزار 264 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 17.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جڏهن ته صوبن جو اين ايف سي حصو 8 هزار 848 ارب رپيا هوندو.وفاقي حڪومت جي ڪُل خرچن جو اندازو 18 هزار 771 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. وفاقي نان ٽيڪس آمدني جو هدف 5 هزار 336 ارب رپيا ۽ خالص وفاقي آمدني 11 هزار 751 ارب رپيا هوندي. انهن خرچن مان 8 هزار 54 ارب رپيا قرضن جي وياج جي ادائيگي لاءِ مختص ڪيا ويا آهن.وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ هڪ هزار ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته جاري خرچن جو اندازو 17 هزار 495 ارب رپيا آهي. قومي دفاع کي ترجيح ڏيندي دفاعي شعبي لاءِ 3 هزار ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.سول انتظاميا لاءِ 1 هزار 71 ارب رپيا ۽ پينشنن لاءِ 1 هزار 169 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بجيٽ دستاويزن موجب فوجي پينشن تي 822 ارب رپيا ۽ سول پينشن تي 272 ارب رپيا خرچ ٿيڻ جو اندازو آهي.بجلي ۽ ٻين شعبن لاءِ سبسڊي جي مد ۾ 1 هزار 91 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير لاءِ 146 ارب رپيا، گلگت بلتستان لاءِ 88 ارب رپيا ۽ خيبر پختونخوا جي نون ضم ٿيل ضلعن لاءِ 95 ارب رپيا جاري خرچن مان رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 838 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ آهي.قومي ترقياتي پروگرام لاءِ مجموعي طور 3 هزار 675 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن مان وفاقي ترقياتي پروگرام هڪ هزار ارب رپين ۽ صوبائي ترقياتي پروگرام 2 هزار 224 ارب رپين تي ٻڌل هوندو.ترقياتي منصوبن ۾ ڪراچي-چمن اين-25 شاهراهه کي ٻه طرفي بڻائڻ لاءِ 100 ارب رپيا، سکر-حيدرآباد موٽروي لاءِ 30 ارب رپيا، ۽ ڪراچي کان روهڙي تائين ايم ايل ون ريلوي منصوبي لاءِ 25 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ديامر ڀاشا ڊيم لاءِ 14 ارب رپيا، مهمند ڊيم لاءِ 22 ارب رپيا، داسو پن بجلي منصوبي لاءِ 15 ارب رپيا ۽ ڪراچي جي ڪي فور پاڻي منصوبي لاءِ 10 ارب رپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.شهري ترقي ۽ رهائشي منصوبن لاءِ 54 ارب 60 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، جنهن سان هڪ لک پنجاهه هزار گهٽ خرچ وارا رهائشي يونٽ تعمير ڪيا ويندا ۽ ڏهن وڏن شهرن جا ڊجيٽل ماسٽر پلان تيار ڪيا ويندا.صنعتي ترقي ۽ برآمدي مقابلي کي هٿي ڏيڻ لاءِ 6 ارب 60 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪراچي، لاهور ۽ سيالڪوٽ ۾ صنعتي ڊيزائننگ جا خودڪار مرڪز قائم ڪيا ويندا.صحت جي منصوبن لاءِ 25 ارب 10 ڪروڙ رپيا ۽ اعليٰ تعليم لاءِ 46 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.وفاقي ناڻي واري وزير اعلان ڪيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي، جڏهن ته رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ به 7 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي. گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت ۾ 10 سيڪڙو واڌ پڻ تجويز ڪئي وئي آهي.ٽيڪس ۾ رعايتون ۽ تبديليونآمدني وارن چار سليبز جي پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. 22 کان 32 لک رپين جي سالياني آمدني تي ٽيڪس جي شرح 20 سيڪڙو، 32 کان 41 لک تي 25 سيڪڙو، 41 کان 56 لک تي 29 سيڪڙو ۽ 56 کان 70 لک رپين تائين آمدني تي 32 سيڪڙو ٽيڪس تجويز ڪيو ويو آهي.پگهاردار طبقي تي لاڳو 9 سيڪڙو سرچارج ختم ڪرڻ ۽ 15 کان 50 ڪروڙ رپين تائين آمدني وارن ڇهن سليبز تي سپر ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني تي سپر ٽيڪس 10 سيڪڙو مان گهٽائي 8 سيڪڙو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.جائيداد جي خريداري ۽ وڪرو تي فائلرز لاءِ ودهولڊنگ ٽيڪس ۾ به گهٽتائي جي تجويز آهي. آءِ ٽي برآمدات تي 0.25 سيڪڙو ايف ٽي آر رعايت وڌيڪ ٽن سالن تائين جاري رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.ڪريڊٽ ۽ ڊيبٽ ڪارڊن جي پرڏيهي استعمال تي ودهولڊنگ ٽيڪس 0.5 سيڪڙو ڪرڻ ۽ پرڏيهي اثاثن تي ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.عورتن جي صحت سان لاڳاپيل شين، جهڙوڪ سينيٽري پيڊز، ۽ مانع حمل شين تي ٽيڪس ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.ننڍن واپارين لاءِ نئون نظام,20ڪروڙ رپين کان گهٽ سالياني وڪرو ڪندڙ ننڍن دڪاندارن لاءِ فڪسڊ ٽيڪس سسٽم متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اهي واپاري پنهنجي سالياني وڪرو جو هڪ سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندا ۽ انهن کي آڊٽ، پي او ايس مشين ۽ ڪجهه ودهولڊنگ ذميوارين کان ڇوٽ حاصل هوندي.درآمد ٿيل گاڏين، 2 کان 3 هزار سي سي وارين ايس يو ويز، 3 هزار سي سي کان وڌيڪ گاڏين ۽ 2 ڪروڙ رپين کان مهانگين برقي گاڏين تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.برقي موٽر سائيڪلن، رڪشائن ۽ بسن لاءِ موجوده رعايتون برقرار رکڻ، جڏهن ته درآمد ٿيل برقي ٽرڪن تي هڪ سيڪڙو سيلز ٽيڪس سهولت ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزير چيو ته وائيٽ اسپرٽ ۽ منرل ٽارپين آئل تي 80 رپيا في ليٽر فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته اهي شيون تيل ۾ ملاوٽ لاءِ استعمال ٿينديون آهن، جنهن سبب هر سال لکين صارفين جون گاڏيون ۽ مشينريون متاثر ٿين ٿيون.

اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز)وفاقي بجيٽ 2026-27 ۾ وفاقي محصولاتي بورڊ (ايف بي آر) طرفان ٽيڪس آمدني وڌائڻ لاءِ وڏا نوان قدم تجويز ڪيا ويا آهن.ذريعن موجب ايندڙ مالي سال لاءِ 15 هزار 264 ارب رپين جو ٽيڪس هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مجموعي طور تي  650 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس قدم بجيٽ جو حصو هوندا. انهن مان لڳ ڀڳ 150 ارب رپين جا نوان ٽيڪس قدم به شامل آهن.نئين بجيٽ تحت ريٽيل پيڪنگ ۾ وڪرو ٿيندڙ سوين شين تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اهم شين ۾ کير، ٻارن جو فارمولا کير ۽ کير مان ٺهندڙ ٻيون شيون به شامل آهن جن تي ٽيڪس لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه گيهه، کاڄرو تيل، مٺايون، پاستا ۽ مختلف ساسن تي به 18 سيڪڙو عام سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز شامل آهي.ريٽيل پيڪنگ واريون زرعي دوائون، جراثيم ڪش شيون، پلاسٽڪ جون گهريلو شيون، ڪچن جو سامان ۽ اسٽوريج جون شيون به ٽيڪس جي دائري ۾ اچي وينديون. ٿيلها، سوٽ ڪيس، هٿ جا ٿيلها ۽ ٻيو سفري سامان به مهانگو ڪيو ويندو.جوتن جا سمورا قسم به سيلز ٽيڪس جي دائري ۾ شامل ڪيا ويا آهن. غسل خاني جون فِٽنگس، سينٽري سامان ۽ واش روم جا لوازمات به ٽيڪس هيٺ ايندا. گهر جي عام استعمال جون شيون ۽ ڪراڪري به سيلز ٽيڪس جي تابع ٿي وينديون.گاڏين ۽ آٽو موبائل لوازمات جي ريٽيل وڪري تي به ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. ٻه کان ٽي ڪروڙ رپين تائين مهانگي لگژري ايس يو وي گاڏين تي 30 سيڪڙو ٽيڪس، جڏهن ته ٽي ڪروڙ رپين کان وڌيڪ قيمت وارين گاڏين تي 40 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي.غير رجسٽرڊ سپلائرز کان خريداري تي 5 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن ته ڊسٽريبيوٽرن تي ٽيڪس جي شرح 0.25 سيڪڙو مان وڌائي 0.50 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.خام مال درآمد ڪري وڪرو ڪندڙ ڪمرشل امپورٽرز تي به 3 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي۔بجيٽ 2026-27 ۾ حڪومت جائيداد، ريٽيل شين ۽ لگزري مصنوعات تي نوان ٽيڪس ۽ ريگيوليٽري قدم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.نئين مجوزه قانون موجب 10 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي جائيداد خريد ڪندڙن لاءِ آمدني جا ذريعا ظاهر ڪرڻ لازمي هوندا. ذريعا ظاهر نه ڪرڻ جي صورت ۾ اهڙي جائيداد جي خريداري ممڪن نه هوندي. هي قانون پهرين جولاءِ 2026 کان لاڳو ٿيندو.ان سان گڏ پراپرٽي جي خريد و فروخت ڪندڙ نان فائلرز تي اضافي ٽيڪس جي شرح برقرار رکڻ جي تجويز به بجيٽ جو حصو آهي.بجيٽ ۾ ريٽيل پيڪنگ ۾ وڪرو ٿيندڙ شين جهڙوڪ جام، ميوي جا جوس ۽ ٻيا مشروبات تي جنرل سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.نئين بجيٽ ۾ لگزري گاڏيون مهانگيون ٿي ويون آهن، جڏهن ته سولر پينلز تي ٽيڪس نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.