معاشي استحڪام حاصل ڪري ورتو، هاڻي عوام لاءِ خوشحالي جو وقت شروع ٿي چڪو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف بجيٽ اجلاس کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ قوم جي دعائن سان ملڪ معاشي استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي، جنهن جي مدد سان هاڻي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ممڪن ٿيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ ڏکين ترين حالتن ۾ صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪندڙ پاڪستان جي هر شهري جو ٿورائتوآهيان. هن چيو ته عوام ڏکيائين جو مقابلو ڪيو ۽ ملڪي معاشي استحڪام لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان عوام سان وعدو ڪيو هو ته معاشي استحڪام ملڻ کانپوءِ ان جو فائدو سڌو سنئون عام ماڻهوءَ تائين پهچائينداسين، الحمدلله، هاڻي خوشحالي جو وقت شروع ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته هي بجيٽ رليف ۽ عوامي ڀلائي جي بجيٽ آهي، جنهن جو بنيادي مقصد معاشي مضبوطي جو فائدو سڌو سنئون عوام تائين پهچائڻ آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي بيان موجب، هي بجيٽ پگهاردار طبقي تي ٻوجهه گهٽائڻ، برآمدات ۾ واڌ، زرعي ترقي، صنعتن ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي بجيٽ آهي.
هن پنهنجي عزم ورجائيندي چيو ته ملڪ ۾ بهتري ۽ رليف جو سفر شروع ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.