اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت مالي سال 2026-27 لاءِ 18 هزار 771 ارب 10 ڪروڙ رپين جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي. وفاقي بجيٽ جو ڪل ڪاٿو 18 هزار 771 ارب 10 ڪروڙ رپيا رکيو ويو آهي، ملڪ جي دفاع لاءِ 3 هزار ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. حڪومت قرضن ۽ وياج جي ادائيگي جي مد ۾ 8 هزار 5 ارب 40 ڪروڙ رپيا خرچ ڪندي، جڏهن ته پينشن جي ادائيگين لاءِ هڪ هزار 16 ارب 90 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي.
سرڪاري ملازمن ۽ پگهاردار طبقي لاءِ رليف
وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي، ان سان گڏوگڏ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ به 7 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. ان کان کانسواءِ 22 لک کان 70 لک رپيا سالياني آمدني وارن لاءِ انڪم ٽيڪس جي شرح ۾ 3 کان 6 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
ٽيڪس ۾ تبديليون ۽ سپر ٽيڪس
فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) لاءِ 15 هزار 264 ارب 40 ڪروڙ رپين جي ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. پراپرٽي جي منتقلي تي ود هولڊنگ ٽيڪس کي معقول بڻائڻ لاءِ فائلرز جي لاءِ خريداري تي ٽيڪس 2.5 سيڪڙو مان گهٽائي 1.25 سيڪڙو ۽ وڪرو تي 5.5 سيڪڙو مان گهٽائي 2.75 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. ان کان سواءِ 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني تي سپر ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو مان گهٽائي 8 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
اقتصادي هدف ۽ ترقياتي رٿائون
ايندڙ مالي سال لاءِ 4 سيڪڙو جي اوسر جي شرح (جي ڊي پي) ۽ 8.2 سيڪڙو مهانگائي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) لاءِ هڪ هزار ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. اهم رٿائن ۾ ڪراچي-ڪوئيٽا شاهراهه لاءِ 100 ارب، سکر-حيدرآباد موٽر وي لاءِ 30 ارب، ۽ مهمند توڙي داسو ڊيم لاءِ 21-21 ارب رپيا مختص آهن.
بين الاقوامي ٽرانزيڪشنز ۽ گاڏين تي ٽيڪس
بينڪن جي ڪريڊٽ يا ڊيبٽ ڪارڊن ذريعي ٻاهرين ملڪ ڪيل ادائيگين تي ود هولڊنگ ٽيڪس 5 سيڪڙو مان گهٽائي 0.5 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. آٽو سيڪٽر ۾ 2000 کان 3000 سي سي جون درآمدي ايس يو ويز تي فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اليڪٽرڪ گاڏين تي رعايتي نظام برقرار رهندو.
سماجي ڀلائي ۽ عورتن جي صحت
سماجي ڀلائي واري شعبي لاءِ بينظير انڪم اسپورٽ پروگرام جو دائرو هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن تائين وڌايو ويندو. عورتن جي صحت لاءِ سينٽري پيڊز ۽ حمل روڪڻ (وقفي) جي دوائن تي ٽيڪس مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تعليم لاءِ 46 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.
اي-سگريٽس جي اي-ليڪوئيڊ تي ڊيوٽي ۾ واڌ
حڪومت اليڪٽرانڪ سگريٽس (اي-سگريٽس) جي واهپي کي محدود ڪرڻ لاءِ انهن ۾ استعمال ٿيندڙ ”اي-ليڪوئيڊ“ تي فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
فنانس بل موجب، هن ڊيوٽي کي 10 هزار رپين مان وڌائي 16 هزار 500 رپيا في ڪلوگرام ڪرڻ جي تجويز آهي. ان سان گڏوگڏ پراڻو نظام، جنهن ۾ ريٽيل قيمت جي 65 سيڪڙو تي ٽيرف لاڳو هوندو هو، ان کي به ختم ڪيو پيو وڃي.
سوشل ميڊيا انفلوئنسرز جي آمدني تي ٽيڪس
وفاقي حڪومت سوشل ميڊيا تي مواد ٺاهيندڙن (ڪنٽينٽ ڪريئيٽرز) ۽ انفلوئنسرز جي ڪمائي تي به ٽيڪس جو دائرو واڌئي ڇڏيو آهي. فنانس بل 2025-26 تحت، يوٽيوب، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ جهڙن پليٽ فارمز تان حاصل ٿيندڙ آمدني تي ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.
هن نظام تحت، بينڪنگ ۽ مالي ادارا انفلوئنسرز جي اڪائونٽن ۾ ايندڙ اهڙين پرڏيهي يا مقامي اوڳاڙين مان ٽيڪس جي ڪٽوتي ڪندا.