اسلام آباد (ع آ نيوز) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سولر پينلز جي شين تي ٽيڪس ۾ تجويز ڪيل واڌ واپس وٺڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏي ڇڏيو. ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوششن کانپوءِ آءِ ايم ايف اسٽيشنري ۽ سولر پينلز تي ٽيڪس ۾ واڌ نه ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي. هن اڳڀرائي کي ايندڙ مالي سال 27-2026 جي وفاقي بجيٽ جي تياري دوران عوامي مفادن جي تحفظ لاءِ حڪومت جي ڪوششن جي هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي. ٻئي پاسي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر لاءِ تجويز ڪيل ٽيڪس رعايتن تي ڳالهيون جاري آهن.