”مان ڪلاسڪ پاڪستاني چهرو آهيان“ : صنم سعيد

لاهور(ويب ڊيسڪ) اداڪارا صنم سعيد پنهنجي چهري تي ٿيندڙ تنقيد تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هوءَ ”ڪلاسڪ پاڪستاني چهرو“ رکي ٿي.

خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي صنم سعيد چيو ته سوشل ميڊيا تي کيس گهڻي تنقيد کي منهن نه ڏيڻو پيو، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن کيس ”ڪوجهي“ سڏيو آهي. ميزبان طرفان وضاحت ڪرڻ تي ته ان لفظ جو مطلب ”خوبصورت نه هجڻ“ ورتو ويندو آهي، اداڪارا چيو ته جيڪڏهن ماڻهو اهڙو سمجهن ٿا ته ان ۾ سندس ڪو قصور ناهي، ڇاڪاڻ ته هوءَ جيئن آهي، الله سائين جي تخليق آهي.

صنم سعيد وڌيڪ چيو ته ڪيترائي ماڻهو کيس ڏسي چوندا آهن ته سندن ڌيءَ يا ڪو ٻيو گهر ڀاتي سندس جهڙو لڳي ٿو، تنهن ڪري هوءَ پاڻ کي ”ڪلاسڪ پاڪستاني چهرو“ سمجهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.