ورلڊ چيمپيئن آسٽريليا کان کٽڻ وسري ويو! بنگلاديش ٻي ون ڊي ۽ سيريز کٽي ورتي

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ٻئي ون ڊي ميچ ۾ به آسٽريليا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 2-0 جي ناقابل شڪست سرسي حاصل ڪري ورتي.
شيرِ بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي برسات سبب 42 اوورن تائين محدود ٿيل ميچ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنسون ٺاهيون.
مارنس لبوشين 55 رنسن سان نمايان رهيو، جڏهن ته زيويئر بارٽليٽ 52 رنسن جي اهم اننگز کيڏي.
بنگلاديش طرفان تسڪين احمد ۽ مستفيض الرحمان 3، 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته تنوير اسلام 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
برسات کانپوءِ ڊي ايل ايس ميٿڊ تحت بنگلاديش کي 41 اوورن ۾ 192 رنسن جو هدف ڏنو ويو، جيڪو ميزبان ٽيم 35 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
بنگلاديش جي ڪاميابي ۾ سوميا سرڪار ۽ نجم الحسن شانتو 42، 42 رنسون ٺاهي اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته توحيد هردوئي 40 ۽ ڪپتان مهدي حسن ميراز 22 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
شاندار بالنگ تي مستفيض الرحمان پليئر دي ميچ قرار ڏنو ويو، هن ڪاميابي سان بنگلاديش ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪندي سيريز به پنهنجي نالي ڪري ورتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.