هن جاگيرداري سماج جي مردانگي ڪمزور آهي. اها مردانگي جيڪا پنهنجي وڏائي ثابت ڪرڻ لاءِ عورت کي هيٺ رکڻ تي مجبور ٿئي. اها مردانگي جيڪا برابري کي "خواري” سمجهي. اصل مردانگي ته اها آهي جيڪا ٻئي کي اٿڻ جو موقعو ڏئي، ٻئي جو هٿ جهلي. جيڪو پنهنجي ڀيڻ، پنهنجي ڌيءَ، پنهنجي زال کي اڏامڻ کان روڪي ٿو، اهو اصل ۾ پنهنجي نسل جا پر ڪٽي رهيو آهي.
تاريخ شاهد آهي ته جنهن سماج نياڻيءَ کي تعليم کان محروم رکيو، اهو سماج ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پويان رهجي ويو. ڇو ته اڌ آسمان کي بند ڪرڻ سان سڄو آسمان اونداهو ٿي ويندو آهي. جيڪا ماءُ پاڻ اڻپڙهيل هوندي، اها پنهنجن ٻارن کي ڪهڙو روشن مستقبل ڏيندي؟ هي مردانگي ناهي، هي ڪمزوري آهي. اها مردانگي جيڪا پنهنجي پاڇي کان به ڊڄي ٿي. جيڪا عورت جي برابري کي "خواري” سڏي ٿي، اصل ۾ پاڻ خوار آهي. ڇو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي گهر جي اڌ آبادي کي غلام بڻائي رکي ٿو، اهو پاڻ به غلام ئي آهي پنهنجي جهالت، پنهنجي خوف، پنهنجي فرعوني ذهن جو غلام.
تاريخ جا صفحا کولي ڏسو. جتي به نياڻيءَ لاءِ اسڪول جو دروازو بند ڪيو ويو، اتي قوم جي ترقيءَ جو دروازو به بند ٿي ويو. ڇو ته ماءُ قوم جي پهرين استاد آهي. جيڪا ماءُ پاڻ اڻپڙهيل هوندي، اها ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ڪيئن پيدا ڪندي؟ تون پنهنجي ڌيءُ کان ڊاڪٽر جو خواب ڏسين ٿو، پر ان کي اسڪول وڃڻ کان روڪين ٿو. هي منافقت نه ته ٻيو ڇا آهي؟
مرد ۽ عورت جي برابري ڪا مغربي ٿيوري ناهي. هي قرآن جو حڪم آهي: "مومن مرد ۽ مومن عورتون هڪ ٻئي جا مددگار آهن.” مددگار برابر هوندا آهن، مالڪ ۽ غلام نه. اسلام عورت کي ماءُ جو درجو ڏنو، ڌيءُ کي رحمت چيو، زال کي سڪون قرار ڏنو. پر اسان جاگيردارن انهن سڀني رشتن کي "نوڪراني” ۾ بدلائي ڇڏيو. اصل مردانگي ته حضرت عمر جي آهي، جنهن پنهنجي زال خوله بنت ثعلبه جي ڳالهه مسجد ۾ بيهي ٻڌي ۽ چيو "عمر غلط، عورت صحيح”. اصل مردانگي ته نبي ڪريم ﷺ جي آهي، جنهن حضرت خديجه جي ڪاروباري صلاح کي پنهنجي ڪاروبار جو بنياد بڻايو.
تاريخ جا وڏا وڏا مثال اسان کي للڪارين ٿا: فاطمه الفهري مراڪش جي هڪ عورت، جنهن 859ع ۾ دنيا جي پهرين يونيورسٽي "القرويين” ٺهرائي. اڄ تائين لکين مرد ۽ عورت اتان پڙهي نڪتا. جيڪڏهن ان وقت جا مرد چئي ڇڏين ها ته "عورت کي پئسو ڪمائڻ جو حق ناهي” ته دنيا جو علم 1000 سال پويان هليو وڃي ها. ملالا يوسفزئي سوات جي ڇوڪري، جنهن کي تعليم گهرڻ تي گولي هنئي وئي. پر هڪ گولي هزارين قلم پيدا ڪري وئي. اڄ اها نوبل انعام ماڻي ٿي ۽ جاگيرداري ذهنن لاءِ لعنت بڻجي ٿي.
وٺي اهي پاڻ کي عزت وارا سمجهن ٿا. شهيد بينظير ڀٽو دنيا جي پهرين مسلمان خاتون وزيراعظم. آڪسفورڊ پڙهي، پوري دنيا سان ڳالهايو، فوجي آمريت کي للڪاريو، جيلن ۽ سزائن کان نه ڊني، هن جاگيردارن جي ديرن ۾ ويهي تقريرون ٻڌن ٿا ۽ چون ٿا "اسان جي ڌيءُ هئي”. ها، ڌيءُ هئي! پر ڇا تو پنهنجي ڌيءُ کي بينظير ٿيڻ ڏنو؟ نه! توکي بينظير اسٽيج تي سٺي لڳي ٿي، پر پنهنجي گهر ۾ نه.
مائي جندو مهاراجا رنجيت سنگهه جي زال، پنجاب جي آخري راڻي. 19هين صدي ۾ تخت تي ويهي سلطنت هلائي، فوج جي پريڊ ورتي، انگريزن سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهايو. جڏهن سندس پنهنجا سردار غداري ڪئي ته هن تلوار جهلي. هڪ عورت جيڪا 1800ع ۾ حڪومت هلائي سگهي ٿي، اڄ 2026ع ۾ توکي پنهنجي ڌيءُ کي گاڏي هلائڻ تي شرم اچي ٿو؟
زاهدا شيخ سنڌ جي پهرين عورت وڪيل ۽ سياستدان. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن عورت جو عدالت ۾ وڃڻ به "بي حيائي” سمجهيو ويندو هو، هن وگ پائي قانون جي ڪتاب کوليو. مردن جي اڪثريت واري اسمبلي ۾ بيهي سنڌ جي ڌرتيءَ جو مقدمو وڙهيو. توکي زاهدا شيخ جي نالي تي فخر آهي، پر پنهنجي ڌيءُ کي LLB ڪرڻ ڏيندين؟ فاطمه جناح قائداعظم جي ڀيڻ، "مادر ملت”. ڊينٽسٽ جو پروفيشن ڇڏي، سڄي عمر سياست ڪئي. ايوب خان جي آمريت خلاف 1965ع ۾ صدارتي چونڊ وڙهي. 73 سالن جي عمر ۾ جلسا ڪيا. توکي فاطمه جناح جي تصوير آفيس ۾ لڳائڻ تي فخر آهي، پر پنهنجي زال کي يونين ڪائونسل جو اليڪشن وڙهڻ تي چئين ٿو "عورت جو ڪم ناهي”.
ساڳيو وڏيرو جيڪو بينظير جي تصوير سامهون مٺايون ورهائي ٿو، اهو پنهنجي ڌيءُ کي شاپنگ مال وٺي وڃڻ تي چوي ٿو "بازار عورت جي جاءِ ناهي”. ساڳيو سردار جيڪو مائي جندو جي بهادري جا قصا ٻڌائي ٿو، اهو پنهنجي زال کي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل ڏسي اسٽيئرنگ ڇڏائي وٺي ٿو. مري قوم جي ڌيئرون جن جا نالا وٺي فخر، پر انهن جهڙيون ٿيڻ تي پابندي بلوچ قوم، خاص ڪري مري برادري، غيرت، بهادري ۽ روايتن جي ڪري مشهور آهي. پر سڀ کان وڏو الميو هي آهي ته هن قوم جون ڌيئرون جڏهن تاريخ ٺاهين ٿيون ته اسان انهن تي فخر ڪريون ٿا، ۽ جڏهن اسان جي گهر جي ڌيئرون تاريخ ٺاهڻ چاهين ٿيون ته اسان انهن تي پابندي لڳايون ٿا. هي ٻٽو رويو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي.
مري برادري جون اهي نياڻيون، جن جا نالا اسان فخر سان وٺون ٿا: شازيه مري، مري برادري جي ڌيءُ، نياڻي سمجھجي ٿي ڪراچي يونيورسٽي پڙهي، سياست ۾ آئي، حقن جي ڳالهه ڪري ٿي ته مري برادري سيني تي هٿ رکي چوي ٿي "اسان جي ڌيءُ آهي”. پر ساڳيو سردار پنهنجي ڌيءُ کي ڪوئيٽا ڪاليج موڪلڻ کان ڊڄي ٿو. ڇو؟ شازيه مري اسٽيج تي چڱي لڳي ٿي، پر پنهنجي گهر جون نياڻيون نه؟
ياد رکو اي جاگيردار! تون پنهنجي زمين جو مالڪ هجڻ تي فخر ڪرين ٿو، پر هڪ ڏينهن اها زمين توکي به ڳهي ويندي. پر جيڪو علم تون پنهنجي ڌيءَ کي ڏيندين، اهو علم قيامت تائين توکي ثواب ڏيندو رهندو. ڇو ته نبي ﷺ فرمايو: "جنهن شخص ٻن ڌيئرن جي پرورش ڪري سٺي تعليم ڏني، اهي قيامت جي ڏينهن سندس لاءِ دوزخ کان پردو بڻجنديون.” تنهن ڪري هي آخري للڪار آهي. يا ته پنهنجي ڌيءَ جو داخل فارم ڀر، يا پوءِ پنهنجي قبر جو ڪتبو تيار ڪر جنهن تي لکيل هجي: "هتي هڪ اهڙو مرد دفن آهي جنهن پنهنجي نسل جا پر پاڻ ئي ڪٽي ڇڏيا.”