’علم ۽ شعور‘ جو بحران

مظهر عباس

ڪيترن ئي حوالن سان سياسي يا معاشي بحران کان به وڌيڪ خطرناڪ ”علم ۽ شعور“ يا ”تنقيدي شعور“ جو بحران هوندو آهي. جيڪو معاشرو اهڙي بحران مان گذري رهيو هجي، اتي اهڙا حڪمران يا سندن وارث سامهون اچن ٿا، جيڪي سوال اٿارڻ جي جرئت نٿا ڪن. اڄ اسان به اهڙي ئي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهيون، جتي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تنقيد ۽ سوال ڪرڻ تي ئي پابنديون هجن، جتي وائيس چانسلر کي يونيورسٽي جي ”زمين“ جي وڌيڪ فڪر هجي پر ”تعليم“ ۽ ”علم ۽ شعور“ جي نه، ته پوءِ اهڙو معاشرو اڳتي وڌڻ بدران زوال ڏانهن وڌي ٿو. هڪ وقت هو جڏهن حڪمرانن جي نظر ۾ پروفيسر جو انتهائي اعليٰ مقام هوندو هو. اهڙو لاڙو خاص طور تي کاٻي ڌر جي سياستدانن ۾ وڌيڪ ڏٺو ويندو هو. ان جو اندازو هن واقعي مان به لڳائي سگهجي ٿو ته بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير سردار عطاالله مينگل ۽ گورنر مير غوث بخش بزنجو پاڻ ايئرپورٽ تي پروفيسر ڪرار حسين جي آجيان لاءِ پهتا هئا، جڏهن هن بلوچستان يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻجڻ قبول ڪيو هو، ان شرط سان ته يونيورسٽي جي معاملن ۾ سرڪاري مداخلت نه ٿيندي. اصل ۾ پروفيسر ڪرار حسين کي ڪراچي يونيورسٽي جو به وائيس چانسلر ٿيڻ گهرجي ها، پر هتي حالتون اهڙيون رهيون جو جڏهن پروفيسر ممتاز حسين کي وائيس چانسلر بڻائڻ جي سفارش ڪئي وئي ته هڪ اداري رپورٽ ڏني ته هو ڪميونسٽ خيالن جا مالڪ آهن، تنهن ڪري هن عهدي لاءِ مناسب ناهن.

هاڻي ان رپورٽ جو ڇا ذڪر ڪجي، جڏهن ”ستاره امتياز“ ڏيندڙن کي ئي پروفيسر ڪرار حسين جي علمي مرتبي جي صحيح ڄاڻ نه هجي. هڪ ڀيري اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو 1977ع ۾ پنهنجي خلاف هلندڙ تحريڪ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ شراب تي پابندي ۽ جمعي جي موڪل جو اعلان ڪيو. ان کان پوءِ هو عوامي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ ملڪ جي دوري تي نڪتو. ڪوئيٽا ۾ هڪ اجلاس دوران ڀٽو صاحب پروفيسر ڪرار حسين کان راءِ پڇي ته هن جواب ڏنو: ”ڀٽو صاحب! توهان جو هي فيصلو سياسي وڌيڪ ۽ شعوري گهٽ لڳي ٿو، ۽ ان جو سياسي فائدو توهان کي نه پر توهان جي مخالفن کي ٿيندو.“ جڏهن ڊاڪٽر محمود حسين ڪراچي يونيورسٽي جا وائيس چانسلر هئا ته هڪ ڀيري پوليس يونيورسٽي اندر داخل ٿي وئي. ڊاڪٽر صاحب فوري طور پنهنجي آفيس مان هيٺ لهي آيا ۽ پوليس کي حڪم ڏنو ته فوراً يونيورسٽي مان نڪري وڃي.

اڄ صورتحال بلڪل مختلف آهي. گذريل چاليهه سالن کان پوليس ته ڇا، رينجرز به يونيورسٽين ۾ موجود رهي آهي. ان ۾ سندن به ڪو قصور ناهي، ڇو ته جيڪي وائيس چانسلر آيا، اهي انتظامي طور ڪمزور ثابت ٿيا. اڄ ڪراچي کان وٺي سڄي سنڌ ۽ پوءِ پوري ملڪ جي سرڪاري يونيورسٽين تي نظر وجهجي ته صاف محسوس ٿئي ٿو ته اسان جو تعليمي نظام ڪٿي بيٺو آهي ۽ ان ۾ سياسي مداخلت ڪهڙي حد تائين موجود آهي. خاص طور تي پي ايڇ ڊي جي معيار تي سنجيده سوال اٿن ٿا. جيڪڏهن اهو ئي معيار برقرار رهيو ته مستقبل لاءِ خدشا وڌي ويندا، ڇو ته ملڪ سياسي يا معاشي بحران مان ته نڪري سگهي ٿو، پر جيڪڏهن علمي بحران ڊگهي عرصي تائين جاري رهيو ته نسل تباهه ٿي سگهن ٿا. جڏهن شاعر، اديب، پروفيسر ۽ وائيس چانسلر سرڪاري درٻارن ۾ حاضريون ڀريندا رهندا ته پوءِ يونيورسٽين ۾ نه تنقيدي شعور کي هٿي ملندي ۽ نه ئي تنقيدي سوالن جي اجازت هوندي. سوال ڪرڻ، تنقيدي سوچ ۽ تنقيدي شعور کي روڪڻ لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هڪ مخصوص پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. ڪڏهن مذهبي انتهاپسندي کي استعمال ڪيو وڃي ٿو، ته ڪڏهن اهڙن پروگرامن کي اجازت ئي نٿي ڏني وڃي. جيڪڏهن ڪٿي اهڙو پروگرام ٿي به وڃي ته ان ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن کي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. هاڻي ته صورتحال ايتري حد تائين پهچي چڪي آهي جو علم ۽ شعور سان لاڳاپيل پروگرامن لاءِ اڳواٽ اين او سي (اجازت نامو) وٺڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي، ۽ ان دوران به وڌيڪ تنقيدي سوالن جي اجازت نٿي ڏني وڃي. معاشرا ميرٽ، علم، ادب، شعور ۽ تنقيدي شعور جي بنياد تي ترقي ڪندا آهن. هڪ وقت هو جڏهن ڪراچي جي سڃاڻپ ڪراچي يونيورسٽي، اين اي ڊي يونيورسٽي، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج، سنڌ ميڊيڪل ڪاليج، آدم جي ڪاليج، سينٽ جوزف ڪاليج، ڪامرس ڪاليج، ڊي جي سائنس ڪاليج ۽ ايس ايم لا ڪاليج هئا.

ڪراچي کان ٻاهر نڪري حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ ڄامشورو ميڊيڪل ڪاليج ۽ پوءِ لاڙڪاڻي تائين، جڏهن ته ٻين صوبن پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي تعليمي ادارن جو معيار به ڪنهن دور ۾ مثالي هوندو هو. جڏهن علم ۽ شعور جو معيار زوال پذير ٿيو ته ان جا اثر ٻين ادارن تي به پيا. نتيجي طور نه اسان وٽ سٺا ۽ قابل پروفيسر پيدا ٿي رهيا آهن ۽ نه ئي بهتر شاگرد. سوچ جو بحران سياسي بحران کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي.

تازو شاهه رخ نديم جي لکيل ڪتاب ”100“ پڙهڻ جو موقعو مليو. ليکڪ وڏي تحقيق ۽ خوبصورت انداز سان خبردار ڪيو آهي ته جڏهن پاڪستان پنهنجي قيام جا هڪ سئو سال مڪمل ڪندو، جيڪڏهن ان وقت تائين تنقيدي شعور ۽ سوال ڪرڻ تي پابنديون برقرار رهيون، خاص طور تي تعليمي ادارن ۾، ته پوءِ اسان اڳتي وڌڻ بدران بيهجي وينداسين. هن ڪتاب ۾ ٻارن جو هڪ خوبصورت مثال ڏنو ويو آهي. اسان اڪثر ٻارن کي سوچڻ ۽ سوال ڪرڻ جي آزادي نٿا ڏيون، رڳو حڪم ڏيندا آهيون ته ”هر ڳالهه مڃو، سوال نه پڇو.“ اهڙن موضوعن تي اسان وٽ تمام گهٽ لکيو ويو آهي. اسان جو سياسي بحران به ان ڪري شدت اختيار ڪندو پيو وڃي، جو نه حڪمرانن کي ۽ نه ئي مخالف ڌر کي ان ”حقيقي بحران“ جو احساس آهي، جيڪو سماج کي اهڙي واٽ تي وٺي وڃي رهيو آهي، جتان واپسي ممڪن نه رهندي. سياسي بحران عارضي هوندو آهي، پر علمي بحران نسلن کي تباهه ڪري سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.