ڪراچي پريس ڪلب آڏو جونيئر سائنس ٽيچر اميدوارن جو ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جونيئر سائنس ٽيچر 2026 جي ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيندڙ فريش گريجوئيٽ اميدوارن جو احتجاجي ڌرڻو اڄ ٽئين ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب آڏو جاري رهيو.
اميدوارن جو چوڻ آهي ته 2021 کان پوءِ سنڌ جي فريش گريجوئيٽ نوجوانن لاءِ تعليم کاتي ۾ روزگار حاصل ڪرڻ جو هي پهريون اهم موقعو آهي، پر افسوس جو سڄي سنڌ لاءِ رڳو 1237 جايون مختص ڪيون ويون آهن، جيڪي هزارين قابل ۽ اهل اميدوارن جي مقابلي ۾ انتهائي گهٽ آهن.
اميدوارن جو چوڻ هو ته جاين جي محدود انگ سبب هزارين فريش گريجوئيٽ نوجوان مايوسي جو شڪار آهن، ان ڪري سندن احتجاج هاڻي باضابطا ڌرڻي جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي.
احتجاج ڪندڙ اميدوارن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته نوجوانن جي مستقبل کي نظر ۾ رکندي جي ايس ٽي جي جاين ۾ ترت واڌ ڪئي وڃي.
اميدوارن مطالبو ڪيو ته بجيٽ کان اڳ نئين ايس اين اي ذريعي جونيئر سائنس ٽيچر جون وڌيڪ آساميون منظور ڪري سيٽن ۾ فوري اضافو ڪيو وڃي.
ان کانسواءِ ايليمينٽري، مڊل، هاءِ ۽ اپگريڊ ٿيل سڀني اسڪولن ۾ جونيئر سائنس ٽيچر جي مستقل جاءِ مختص ڪئي وڃي.
پاسنگ مارڪس ۽ ڪٽ آف ۾ نرمي ڪئي وڃي ته جيئن وڌيڪ کان وڌيڪ اهل ۽ قابل اميدوارن کي ميرٽ جي بنياد تي روزگار جو موقعو ملي سگهي.
اميدوارن واضح ڪيو آهي ته پنهنجن جائز مطالبن جي منظوري تائين ڪراچي پريس ڪلب آڏو سندن پرامن ڌرڻو جاري رهندو ۽ احتجاج جو دائرو وڌائڻ جا آپشن پڻ غور هيٺ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.