اسلام آباد(سجاد انور) هي بجيٽ آخر ايترو تڪراري ڇو بڻجي وئي آهي؟ گذريل ستن اٺن ڏينهن پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ ملاقاتون ٿي رهيون آهن. هاڻي اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ ڪجهه اهڙا معاملا آهن، جن بابت عوام کي ڪجهه به نٿو ٻڌايو وڃي، پر انهن تي مڪمل اتفاق به نه ٿي رهيو آهي.اسحاق ڊار جي صدر زرداري سان ملاقات جي بنيادي سببن مان هڪ اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ طرفان ڪجهه مطالبا ڪيا ويا هئا. انهن مان ٻه اهم ڳالهيون سياسي جماعتن قبول ڪري ورتيون آهن، جن ۾ پيپلز پارٽي به شامل آهي.اڄ پنجاب حڪومت به چيو آهي ته هو وفاق کي لڳ ڀڳ 550 ارب رپيا ڏيڻ لاءِ تيار آهي. مجموعي طور صوبن کان لڳ ڀڳ 1700 ارب رپين جي مدد جي ڳالهه هلي رهي آهي.ٻيو اهم معاملو اهو آهي ته صوبا قومي دفاع جي خرچن ۾ به حصو وٺندا. في الحال اها مدد عبوري بنيادن تي هوندي، پر مستقبل ۾ شايد ان کي قانوني شڪل ڏني وڃي. ان لاءِ بل آندو وڃي يا ٻي قانونسازي ڪئي وڃي، اهو اڃا واضح ناهي.اسٽيبلشمينٽ جو موقف آهي ته قومي سلامتي جا سمورا خرچ رڳو وفاق نه کڻي. علائقائي حالتن سبب دفاعي ضرورتون وڌي ويون آهن، تنهن ڪري صوبن کي به حصو وٺڻ گهرجي.ڪافي عرصي کان ٻڌو پئي ويو ته پيپلز پارٽي کان سنڌ يا ڪراچي کسي ويندي، وزارتون ختم ٿينديون يا صدارت به هٿان نڪري ويندي. پر عملي طور ڪجهه به نه ٿيو.پيپلز پارٽي تمام هوشياري سان ڳالهين ذريعي پنهنجو سياسي وزن ثابت ڪيو. حڪومت کي بجيٽ منظور ڪرائڻ لاءِ بار بار بلاول ڀٽو سان رابطو ڪرڻو پيو.اهو تاثر ته پيپلز پارٽي کانسواءِ به بجيٽ منظور ٿي ويندو ۽ پي ٽي آءِ جا ماڻهو ٽوڙي اڪثريت حاصل ڪئي ويندي، پيپلز پارٽي غلط ثابت ڪري ڇڏيو. هنن هر مرحلي تي ٻڌايو ته حڪومت کي سندن ضرورت آهي.ايم ڪيو ايم بار بار چئي رهي هئي ته شهرن کي مناسب فنڊ ڏنا وڃن، قانونسازي ڪئي وڃي، گورنر کي مڪمل اختيار ڏنا وڃن. پر انهن جون گهڻيون ڳالهيون ٻڌيون ئي نه ويون.ڪجهه تجزيه نگار چون ٿا ته ايندڙ آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ به پيپلز پارٽي کي فائدو ملي سگهي ٿو.بلاول ڀٽو ماڻهن جي ملڪيت، آئيني حيثيت ۽ حقن بابت مهم هلائي، جيڪا ماڻهن کي متاثر ڪري وئي.پي ٽي آءِ سان ناانصافيون ٿيون، سندن چونڊ نشان به ختم ڪيو ويو، پر جيڪڏهن پارٽي سياسي لچڪ جو مظاهرو ڪري ها ۽ ادارن سان سڌي ٽڪراءَ کان پاسو ڪري ها ته شايد اڄ حالتون مختلف هجن ها.2022ع ۾ عدم اعتماد کانپوءِ پي ٽي آءِ وٽ پنجاب، خيبرپختونخوا، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جون حڪومتون هيون. جيڪڏهن هو سياسي حڪمت عملي اختيار ڪن ها ته شايد ايترو نقصان نه ٿئي ها.
You might also like