ممبئي(ويب ڊيسڪ) فلم پيڊيءَ ۾ جھانوي ڪپور جي ڪردار تي ٿيندڙ تنقيد کان پوءِ سينيئر اداڪار جگاپتي بابو سندس حمايت ۾ سامهون اچي ويو آهي.
رپورٽ موجب فلم ۾ جھانوي ڪپور جي ڪردار ”اچي اما“ جي ڪجهه منظرن تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ڏٺو ويو، جنهن بعد هدايتڪار بوچي بابو معافي ورتي ۽ اعتراض جوڳا منظر فلم مان هٽايا ويا.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب جگاپتي بابو ان معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته اداڪارا کي نشانو بڻائڻ سراسر ناانصافي آهي، ڇو ته اداڪار هدايتڪار جي ويزن موجب ڪم ڪندا آهن. سندس چوڻ هو ته تخليقي فيصلن جي ذميواري اداڪار تي مڙهڻ ۽ کيس ٽرول ڪرڻ غلط عمل آهي.
حيدرآباد ۾ فلم جي تقريب دوران هن فلم جي هيرو رام چرڻ جي به واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته اهڙي حساس موضوع تي فلم ٺاهڻ همت جو ڪم آهي. هن طنزيه انداز ۾ منفي تبصرا ڪندڙن جو به شڪريو ادا ڪندي چيو ته انهن اڻڄاڻائي ۾ فلم جي وڏي مشهوري ڪري ڇڏي آهي.