اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ايران-آمريڪا ۾ جاري ڇڪتاڻ ختم به ٿي وڃي ته به ان جا اقتصادي اثر ايندڙ سال تائين رهندا.
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ اجلاس دوران ناڻي اوري سينيٽ کي معاشي صورتحال بابت جواب ڏيندي چيو ته سڀاڻي اقتصادي سروي پيش ڪرڻ وارو آهيان، جنهن ۾ ڪيتريون حقيقتن سامهون اينديون.
هن چيو ته وچ اوڀرجي صورتحال سڄي دنيا کي متاثر ڪيو آهي، دعا آهي ته پاڪستان جي قيادت هن مسئلي جي حل ۾ ڪامياب ٿئي. سندس چوڻ هو ته مجموعي طور پهرين ٽن هفتن ۾ 129 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي، جنهن تي وڏي تنقيد ٿي، سبسڊي کي ڪيٽيگرائيز ڪرڻ بابت به تنقيد ٿي، پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته اها مخصوص ماڻهن تائين منتقل ڪئي وڃي.
هن چيو ته خطي جي صورتحال سبب سڀني صوبائي حڪومتن به سهڪار ڪيو، خاص ڪري خيبرپختونخوا حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، ڪي پي جي وڏي وزير جو ٿورائتو آهيان هو اڄ اي اي سي ۾ شريڪ ٿيو، ڇو ته هي صوبي حڪومتن جي مدد کان سواءِ ممڪن نه هو.
سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته ٽارگيٽڊ سبسڊي جو سلسلو هاڻي به جاري آهي.
ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته خطي ۾ جاري تڪرار ختم به ٿي وڃي ته به ان جا اثر ايندڙ سال تائين رهندا، ايف بي آر جا ٽيڪس هدف پورا ٿين يا نه، ٽيڪس ۾ واڌارو اقتصادي بهتري لاءِ فائديمند آهي.