آمريڪي حملن سبب ويهه هزار ايراني پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم

تهران (ويب ڊيسڪ) هرمزگان جي واٽر اينڊ ويسٽ واٽر ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو جو چوڻ آهي ته گذريل رات ڏکڻ ايران تي آمريڪي حملي کان پوءِ بيماني واري علائقي ۾ 20 هزار ماڻهو صاف پاڻي جي فراهمي کان محروم ٿي ويا آهن.
هرمزگان جي صوبائي واٽر اينڊ ويسٽ واٽر ڪمپني موجب، گذريل رات ٿيل حملي دوران صوبي جي ضلعي بيماني ۾ پاڻي ذخيرو ڪندڙ ٻن ٽينڪ کي ميزائلن ذريعي نشانو بڻايو ويو، جيڪي مڪمل طور تي ناڪارا ٿي ويا آهن.
واضح رهي ته پاڻي ذخيرا ڪوهستڪ شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن 10 ڳوٺن کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ جا ذميوار هئا.
ايراني ميڊيا موجب، ان علائقي ۾ جر جو پاڻي فوري متبادل طور ڪافي ناهي ۽ انهن ذخيرن جي تباهي سبب علائقي ۾ پاڻي جي فراهمي واري نظام کي سخت مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.