لاهور (ويب ڊيسڪ) ايشين گيمز 2026 لاءِ پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت صاحبزادا فرحان جي حوالي ڪئي وئي آهي.
ان ڏس ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان ايشين گيمز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صاحبزادا فرحان ٽيم جي قيادت ڪندو.
ايشين گيمز 2026 ۾ مردن جا ٽي ٽوئنٽي مقابلا 24 سيپٽمبر کان جپان جي شهر آئيچي ۾ شروع ٿيندا، جڏهن ته ڪرڪيٽ جي تمغن جو فيصلو 3 آڪٽوبر تي ٿيندو.
پي سي بي موجب، 30 ورهين جي صاحبزادا فرحان سان گڏ عبدالصمد نائب ڪپتان جون ذميواريون نڀائيندو.
صاحبزادا فرحان پاڪستان طرفان 46 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ 1305 رنسون ٺاهي چڪو آهي، جن ۾ 2 سينچريون ۽ 10 ففٽيون شامل آهن.
عاڪف جاويد، علي رضا، معاذ صداقت ۽ سعد مسعود پهريون ڀيرو پاڪستان لاءِ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل کيڏڻ جا منتظر آهن.
ايشين گيمز لاءِ اعلانيل پاڪستاني اسڪواڊ ۾ صاحبزادا فرحان (ڪپتان)، عبدالصمد (نائب ڪپتان)، ابرار احمد، احمد دانيال، عاڪف جاويد، علي رضا، عرفات منهاس، حيدر علي، حسن نواز، معاذ صداقت، محمد سلمان مرزا، سعد مسعود، صائم ايوب، سفيان مقيم ۽ عثمان خان شامل آهن.
ايشين گيمز 2026 لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان، صاحبزادا فرحان ڪپتان مقرر، سينيئرز کي نيڪالي
You might also like