مغربي لبرل ازم جو زوال ۽ چيني ماڊل جو اڀار

پروفيسر انصار ابڙو

ھاڻوڪي سالن ۾ غزه جي نسل ڪشي، عراق، افغانستان، ليبيا ۽ ايران تي مغربي چڙهاين ۽ هڪطرفي پابندين جي نظام مغرب جو اخلاقي دٻدٻو مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ گلوبل ساؤٿ جي ملڪن پاران جنگ بندي جي مطالبن کي جنهن نموني مغربي طاقتن رد ڪيو، ان سان ترقي پذير ملڪن جي اشرافيه تي اهو واضح ٿي ويو ته مغربي انساني حقن جو فريم ورڪ يورو-سينٽرڪ آهي جنهن ۾ هو ترقي پذير ملڪن جي انسانن کي انسان نٿا سمجهن. يورپ ۽ آمريڪا ۾ پڻ هيل تائين  فلسطين جي حقن ۽ نسل ڪشي خلاف اظهار جي آزادي استعمال ڪندي ڳالهائڻ تي ۽ احتجاج جي ڪرڻ جي حقن تي به سياسي بنيادن تي پابنديون لڳايون ويون آهن. جنهن سان اهو ثابت ٿيو آهي ته مغرب پنهنجي ئي سياسي فلسفي تي قائم رهڻ ۾ ناڪام ويو آهي. مغربي لبرل ماڊل هاڻي دنيا کي هڪ اهڙي افراتفري ۽ سياسي پولرائيزيشن (سياسي ڇڪتاڻ) ڏانهن وٺي ويو آهي، جتي ترقي پذير ملڪن ۾ رڳو سياسي غير استحڪام پيدا ٿئي ٿو، جنهن سان معاشي ترقي رڪجي وڃي ٿي.

هاڻي عالمي اقتصادي ۽ سياسي طاقت جو مرڪز ائٽلانٽڪ (مغرب) کان هٽي ڪري ايشيا-پئسفڪ (اوڀر) ڏانهن منتقل ٿي چڪو آهي. حڪمران طبقو هميشه ان ماڊل جي پيروي ڪندو آهي جيڪو وڌيڪ طاقتور ۽ ڪامياب هوندو آهي. چين جي معاشي ۽ فني اڀار دنيا جي اڳيان هڪ نئون معيار مقرر ڪري ڇڏيو آهي. چين جو پلس برڪس  وارو ٺهيل بلاڪ (جنهن جي قيادت چين ڪري رهيو آهي) اڄ جي 7 ملڪن جي اقتصادي بالادستي کي چيلينج ڪري چڪو آهي. چين اڄ پرچيزنگ پاور پيرٽي  جي بنياد تي دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت بڻجي چڪو آهي، جنهن جو عالمي معيشت ۾ حصو 19 سيڪڙو آهي. چين جي تاريخي ڪاميابي اها آهي ته ان گذريل چئن ڏهاڪن ۾ 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي لڪير کان ٻاهر ڪڍيو آهي، جيڪا انساني تاريخ ۾ هڪ معاشي معجزو آهي. گولبل سائوٿ جي حڪمرانن ۽ سيڪيولر اشرافيه، جنهن ۾ بيوروڪريسي، وڏا سياستدان، ٽيڪنوڪريٽس ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻ شامل آهن، اها ڳالهه چڱي ريت سمجهي چڪا آهن ته مغربي طرز جي نام نهاد ”انفرادي آزادي“ ۽ ”بي لغام اظهار جي آزادي“ ترقي پذير ملڪن کي رڳو گهرو ويڙهه، احتجاجن، هڙتالن ۽ سياسي عدم استحڪام کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو.

چين گذريل 40 سالن ۾ ڏيکاريو آهي ته جديد بڻجڻ لاءِ مغربي بڻجڻ ضروري ناهي (افسوس سان ان مغالطي جو شڪار ڪيترا ئي دانشور، حڪيم ۽ ترقي پذير ملڪن جا وڏا دماغ سڏجندڙ ماڻهو رهيا آهن). چين پنهنجي ثقافت، پنهنجي سياسي نظام ۽ سخت سماجي ڪنٽرول ذريعي دنيا جي وڏين سپر پاورز کي پٺتي ڇڏي ڏنو آهي. هاڻي گلوبل سائوٿ جا ملڪ جا پاليسي ساز به اهو سوچڻ تي مجبور آهن ته ”جيڪڏهن چين بغير لبرل جمهوريت جي، بغير مغربي انساني حقن جي فريم ورڪ جي ايتري وڏي ترقي ڪري سگهي ٿو، ته پوءِ اهي ڇو مغربي نظام جي پٺيان پنهنجو وقت ضايع ڪري رهيا آهن؟“.

چيني ماڊل جون بنيادي خوبيون جيڪي ان ماڊل کي منفرد بڻائين ٿيون اُهي هي آهن، جن کي چيني ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي رياستي ڍانچي ۾ لاڳو ڪيو آهي.

(الف) لوهي نظم و ضبط: چين ۾ رياست جا فيصلا حتمي هوندا آهن. هڪ دفعو جڏهن ڪنهن منصوبي جي رٿابندي ڪئي ويندي آهي ته ڪنهن به سياسي احتجاج، عدالتي اسٽي آرڊر يا نام نهاد انساني حقن جي تنظيمن کي ان جي اڳيان رڪاوٽ بنجڻ جي اجازت ناهي هوندي ان جي برعڪس هڪ ترقي پذير ملڪ ۾ ڪيترن ئي منصوبن ۾ مقامي سياسي ڇڪتاڻ ۽ احتجاجن جي ڪري سالن جا سال منصوبا التوا  جو شڪار رھن ٿا. اتي ائين نه آهي.

(ب) وقت جي پابندي:  چيني ترقيءَ جي رفتار جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اهي ڏينهن ۾ نه پر ڪلاڪن ۾ ميگا اسٽرڪچر ٺاهي ڇڏيندا آهن. مثال طور، چين ۾ 1500 مسافرن لاءِ ريلوي اسٽيشن جو بنيادي ڍانچو صرف 9 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو ويو هو. هيءَ وقت جي پابندي ۽ ڪم جي تيزي صرف ٽيڪنالاجي جي ڪري ناهي، پر ان سخت قانوني ۽ ادارن جي نظام جي ڪري آهي، جتي وقت جي زيان کي قومي ڏوهه سمجهيو ويندو آهي.

(ت) انٿڪ محنت ۽ عزم:  چين جي عوام ۽ قيادت ۾ پنهنجي ملڪ کي دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت بنائڻ جو هڪ اجتماعي عزم آهي. اتي ڪارپوريٽ ۽ سرڪاري سطح تي”996 ڪم جو ڪلچر“ (صبح 9 کان رات 9 تائين، هفتي ۾ 6 ڏينهن ڪم) رواج ۾ رهيو آهي. جيتوڻيڪ ان تي ڪجهه تنقيد به ٿيندي آهي پر ان سان پيداواري صلاحيت  ۾ جيڪو اضافو ٿيو آهي، تنهن چين کي گلوبل سپلائي چين جو بادشاهه بنائي ڇڏيو آهي. 2024ع کان 2026ع تائين جي انگ اکرن موجب، دنيا جي 86 سيڪڙو سولر ماڊلز، 80 سيڪڙو ليٿيم بيٽريون، ۽ 68 سيڪڙو برقي گاڏيون (EVs) اڪيلو چين پيدا ڪري رهيو آهي.

(ج) چين ۾ بدعنواني نه هجڻ جي برابر آهي. چيني رياست بدعنواني کي قومي ڏوهه قرار ڏئي ٿي. جيڪو بہ فرد گبن يا ڪرپشن ۾ ملوس پاتو وَڃي ٿو انکي رعايت بلڪل نٿي ملي. الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ انکي موت جي سزا ڏني وڃي ٿي. ان سان قوم جو سرمايو بچي ٿو، ڪم جي رفتار وڌي ٿي ۽  منصوبن کي تقميل تائين پھچائڻ ۾ پورو ڌيان ڏنو وڃي ٿو.

وڌيڪ ته مغربي ماڊل جو بنياد ”انفراديت“ تي آهي، جتي فرد جي آزادي رياست ۽ سماج جي مفادن کان مٿانهين هوندي آهي. پر چيني ماڊل جو بنياد ”اجتماعيت“ ۽ ڪنفوشس جي فلسفي تي آهي، جنهن موجب سماجي هم آهنگي  ۽ رياست جو استحڪام سڀ کان پهريان آهي. ترقي پذير ملڪن جي سيڪيولر اشرافيه هاڻي اهو محسوس ڪري چڪي آهي ته انهن جي سماجن ۾ جتي غربت، جهالت ۽ معاشي عدم مساوات هجي اتي مغربي طرز جي کليل آزادي ڏيڻ سان رڳو انتشار  پيدا ٿئي ٿو. ان ڪري، اهي هاڻي چين جي ”گورننس ماڊل“جي پيروي ڪرڻ ۾ ئي ملڪ جي بقا ۽ ترقي ڏسن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.