اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ ڦاٿل صدر ٽرمپ

سيد مجاھد علي

وچ اوڀر جي موجوده صورتحال مان ته ائين ئي لڳي ٿو ته ايران ۽ اسرائيل جنگ جو شوق پورو ڪرڻ چاهين ٿا، پر آمريڪي صدر ٽرمپ اڇو جهنڊو کنيو ڪڏهن نيتن ياهو کي ڊانٽي باز اچڻ جو حڪم ڏئي ٿو ته ڪڏهن ايرانين کي چوي ٿو ته اڃا به موقعو آهي، ڳالهين جي ميز تي واپس اچي وڃو. البت ٻئي ئي آمريڪي صدر جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. ايران اسرائيلي حملن کي آمريڪي سازش ۽ مليڀڳت قرار ڏئي ٿو ۽ ان جو دعويٰ آهي ته اسرائيل آمريڪي اشاري کان سواءِ ڪا به جنگي ڪارروائي نٿو ڪري سگهي. ته ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايران حملو ڪندو ته اسرائيل لازمي جواب ڏيندو، ڇاڪاڻ ته اهو اسرائيل جي وجود ۽ سلامتي جو سوال آهي. اسرائيل لاءِ وچ اوڀر ۾ ايراني حڪومت جي ڊڪٽيشن قبول ڪرڻ ممڪن ناهي. ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو ئي آهي ته ايران نه صرف اسرائيل کي تسليم نٿو ڪري بلڪ ان جي وجود کي ناجائز قرار ڏئي کيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. ايران جي نئين رهبر اعليٰ مجتبيٰ خامنائي پڻ آمريڪا سان ڳالهين ۽ امن جي ڪوششن جي وچ ۾ ان دعويٰ کي ورجائڻ ضروري سمجھيو آهي.

ايران گذريل ڏينهن جڏهن اسرائيل ۾ مختلف هدفن تي ميزائل حملا ڪيا هئا ته ان ئي وقت ٻه ڳالهيون واضح ٿي ويون هيون. هڪ اها ته اسرائيل لازمي انهن حملن جو جواب ڏيندو، ٻي اها ته ٻنهي ملڪن جون پاڻ ۾ لڙايون ڊگهيون نه هلي سگهنديون، ڇاڪاڻ ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڪنهن به طريقي سان ان جنگ کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ايراني حملن کان پوءِ هن اسرائيل کي اهو ئي مشورو ڏنو هو ته هو جوابي وار ڪرڻ کان باز رهي. تنهن هوندي به اسرائيلي اڳواڻن آمريڪي صدر جي حڪم نما درخواست کي قبول ڪرڻ گوارا نه ڪيو. تل ابيب جيڪڏهن اها ڳالهه مڃي وٺي ها ته مستقبل لاءِ اهو اصول طئي ٿي وڃي ها ته جيڪڏهن اسرائيل تي حملو ٿيندو ته مخصوص حالتن ۾ اسرائيلي حڪومت کي اهو برداشت ڪرڻو پوندو. جڏهن ته اسرائيل اها واضح پاليسي جوڙي رکي آهي ته جيڪڏهن ان تي هڪ ميزائل به اڇلايو وڃي ته هو مخالف خلاف بھرپور ڪارروائي ڪري کيس سخت نقصان پهچائڻ کان پوءِ ئي دم پٽيندو آهي. ان ئي اسرائيلي حڪمت عملي جي ڪري لبنان ۾ حزب الله خلاف اسرائيلي ڪارروائي شديد کان شديد تر ٿيندي پئي وڃي ۽ آمريڪي توڙي عالمي دٻاءُ جي باوجود اسرائيل اها جنگ بند ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ايراني حملن جو سبب به اسرائيل جي اها ئي هٺ ڌرمي بڻي هئي.

ايران گذريل ڪجهه ڏينهن کان اشارا ڏئي رهيو هو ته لبنان ۾ شروع ڪيل جنگ به اپريل ۾ پاڪستان جي چوڻ تي شروع ٿيندڙ جنگ بندي جو حصو آهي ۽ ان کي بند ٿيڻ گهرجي. آمريڪا جيتوڻيڪ چٽن لفظن ۾ ان ايراني موقف جي تائيد ناهي ڪئي، پر صدر ٽرمپ اسرائيل ۽ لبناني حڪومتن کي ڳالهين تي آمادي ڪيو ۽ سندن وچ ۾ عبوري جنگ بندي ڪرائي وئي. تنهن هوندي به اصل مسئلو حزب الله جي جنگجوئن جو آهي، جيڪي نه ته اسرائيل کي تسليم ڪن ٿا ۽ نه ئي اسرائيل تي اڪا دڪا ميزائل اڇلائڻ کان باز اچن ٿا. ايراني اڳواڻن کي حزب الله جي اها هڪطرفي شرارت ته نظر نٿي اچي، البت ان خلاف اسرائيلي ڪارروائين تي کين سخت تڪليف آهي، ڇاڪاڻ ته پوري دنيا ۾ اڪيلو ٿيڻ کان پوءِ حزب الله جهڙا گروهه ئي موجوده جنگ جي حالت ۾ اڪڙ ڏيکارڻ لاءِ سندن واحد سهارو آهن.

لبنان ۾ اسرائيلي ڪارروائي هر حد کان غيرمعمولي ۽ انتهاپسندانه آهي. هن ڏکڻ لبنان جي وسيع علائقن کي خالي ڪرائي اتي ٻيهر قبضو ڪري ورتو آهي ۽ ان جي بمباري سان هڪ طرف لکين ماڻهو بي گهر ٿي هر قسم جي سهولتن کان محروم ٿي چڪا آهن ته ٻئي طرف ان جنگ ۾ چار هزار شهري اسرائيلي بمباري ۾ مارجي ويا آهن. تنهن هوندي به گذريل ڪجهه ڏينهن دوران اسرائيل خاص طور بيروت تي حملا ڪري صورتحال کي وڌيڪ ڪشيدو ڪيو آهي. اسرائيل، ايران سان آمريڪي مصالحت يا جنگ بندي جي خلاف آهي، ان ڪري ئي هن لبنان ۾ جنگ کي ٽرمپ جي امن منصوبي کي نقصان پهچائڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي. ٻه ڏينهن اڳ بيروت تي حملن کان اڳ صدر ٽرمپ اسرائيل کي اهڙي ڪارروائي کان باز رهڻ جي تنبيهه ڪئي هئي. بادي النظر ۾ اها وارننگ تهران مان موصول ٿيندڙ اشارن جي ڪري ڏني وئي هئي ۽ خبرن موجب ٽرمپ ٽيليفون تي گفتگو دوران نيتن ياهو تي ناراض به ٿيو هو. ان جي باوجود اسرائيلي وزيراعظم بيروت تي فضائي حملا ڪيا ۽ ان جي ئي نتيجي ۾ گذريل ڏينهن ايران اسرائيل ۾ ڪيترن ئي هدفن تي ميزائل اڇلايا.

مغربي مبصرن جي اڪثريت اهو قياس ڪري رهي هئي ته هاڻي اها جنگ وڌيڪ ڦهلجندي ۽ اسرائيل تهران کي سخت نقصان پهچائڻ کان سواءِ جنگ بند نه ڪندو. البت اهي قياس آرائيون اسرائيل آمريڪا لاڳاپن جي تناظر ۾ درست نه هيون. اسرائيل ضرور صدر ٽرمپ جي ڳالهه فوري طور تي ناهي مڃي، پر هو آمريڪا جي مرضي کان سواءِ وچ اوڀر ۾ ڪنهن به ڊگهي جنگ جو متحمل به نٿو ٿي سگهي. اهڙي طرح ايران به جيتوڻيڪ جنگي حالتون برقرار رکڻ چاهي ٿو، پر هو به اسرائيل يا آمريڪا سان ڪنهن به طويل المدت نئين جنگ جو بار برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. تهران جي اڳواڻن کي چڱي ريت علم هوندو ته اهڙي ڪا به جنگ ايراني عوام جي زندگين کي وڌيڪ اٻتر ڪندي ۽ اهو بار شايد ڪنهن اڻهوني جو سبب به بڻجي سگهي ٿو. ايراني اڳواڻ حامين جي هجومن جون تصويرون ۽ وڊيوز جاري ڪري ان جنگ کي عوام جي جنگ بڻائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر کين جيڪڏهن حقيقي عوامي غصي جو سامھون ڪرڻو پيو ته هو شايد اقتدار تي قابض نه رهي سگهن. موجوده ايراني رجيم لاءِ اها جنگ ۽ جنگي حالتون درحقيقت اقتدار تي پنهنجو تسلط جاري رکڻ لاءِ ئي ضروري آهن.

ان ڪري ئي حالتن تي نظر رکندڙن کي نظر اچي رهيو هو ته صدر ٽرمپ جي واضح مخالفت کان پوءِ اسرائيل ۽ ايران ڪجهه حملن کان پوءِ ڌمڪيون ڏيندي جنگ بند ڪري ڇڏيندا. تنهنڪري پهرين ايران جي اعليٰ عسکري ڪمان ‘خاتم الانبياءِ سينٽرل هيڊڪوارٽرز’ اسرائيل تي حملا نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو، تنهن هوندي به تنبيهه ڪئي ته جيڪڏهن لبنان ۾ جنگ بند نه ٿي ته وڌيڪ خوفناڪ ڪارروائي ٿيندي. ان کان ٿوري دير پوءِ نيتن ياهو ايراني حملن جي جواب کي جائز قرار ڏيندي وڌيڪ حملا نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان ريت هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ بندي قائم ٿي چڪي آهي پر لبنان ۾ جنگ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. البت اسرائيل شايد بيروت تي سڌي سنئين حملن کان گريز ڪري. ائين ايران ۽ اسرائيل هڪ اڻ لکيل معاهدي تحت حملن کان باز رهندا ۽ رڳو ڌمڪين تي گذارو ڪندا.

لبنان ۾ جيتوڻيڪ مسلمان آبادي 68 سيڪڙو آهي، پر ملڪ ۾ 32 سيڪڙو عيسائي پڻ آباد آهن. لبنان جو ڪو به سرڪاري مذهب ناهي ۽ ان کي سيڪيولر نظام تحت هلايو ويندو آهي، پر حزب الله جي عسڪري طاقت جي ڪري لبنان جي سرڪاري فوج جو دفاعي معاملن ۾ ڪنٽرول محدود ٿي چڪو آهي. اهڙي طرح بيروت جي حڪومت حزب الله جي مرضي کان سواءِ ڪو به فيصلو نٿي ڪري سگهي. ٻئي طرف حزب الله طاقتور عسڪري گروهه هجڻ جي باوجود لبنان جي سرڪاري فوج ناهي، بلڪ کيس هڪ پرائيويٽ مليشيا جي حيثيت حاصل آهي. ان ڪري اهو مڃڻ ۾ ڪو حرج ناهي ته ان مليشيا گروهه پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ عوام جي وڏي اڪثريت کي یرغمال بڻايو ٿئي ٿو. حزب الله جيڪڏهن اسرائيل خلاف جنگ کي لبنان جي سرڪاري پاليسي تسليم ڪرائڻ چاهي ٿي ۽ پاڻ کي مسلمان آبادي جو غير متنازع نمائندو سمجهي ٿي ته کيس مسلمان اڪثريت جي بنياد تي سياسي طاقت حاصل ڪري حڪومت ٺاهڻ جو قدم کڻڻ گهرجي، ته جيئن لبنان سرڪاري طور تي اسرائيل سان دشمني جو اعلان ڪري. پوءِ شايد حزب الله پڻ اسرائيل سان مسلسل ڇيڙڇاڙ کان باز اچي وڃي. ان جي برعڪس حزب الله وچ اوڀر ۾ ايران جي پراڪسي طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ فلسطيني ڪاز کي رڳو سياسي نعري يا بلنڊر طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.

انهن حالتن ۾ لبنان خلاف جيڪڏهن اسرائيل جي ڪارروائي رڪجي به وئي ته ٿوري ئي عرصي کان پوءِ اهو فساد ٻيهر شروع ٿي ويندو. مڪمل امن ۽ هر قسم جي تشدد جي خاتمي لاءِ فلسطينين جي حقن سميت ٻين سمورن مسئلن جو حل ضروري آهي. آمريڪا پنهنجي مفادن جي گهيري ۾ زميني حقيقتن جي مڪمل تصوير ڏسڻ لاءِ تيار ناهي ٿيندو. اهو ئي سبب آهي جو صدر ٽرمپ فيبروري جي آخر ۾ اسرائيل جي چئي ۾ اچي ايران خلاف بنا اشتعال حملو ڪيو. هاڻي هو ڪنهن به طرح ان جنگ کي ڪنهن اهڙي انجام تائين پهچائڻ لاءِ بي چين آهي جنهن ۾ هو فاتح نظر اچي، پر ائين ٿو لڳي ته ايران ئي نه بلڪ اسرائيل به سندس اهو خواب پورو ٿيڻ نه ڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.