لاهور(بيورو)اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ خواجا سعد رفيق سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته موجوده نظام جا مخالف تحريڪ انصاف جا ڪيترائي ووٽر، چونڊ ميدان ۾ پي ٽي آءِ جي غيرموجودگي سبب، مسلم ليگ (ن) بدران پ پ کي ووٽ ڏيڻ ڏانهن ويا.هن چيو ته گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ لڳ ڀڳ ڏهه سيٽون کٽڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي ايوان جي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي وئي آهي. سندس چوڻ موجب، "سنگل لارجسٽ پارٽي” بڻجڻ باوجود پيپلز / پارٽي پاران تصديق ٿيل نتيجا نه ملڻ جو بيانيو اختيار ڪرڻ حيرت جوڳي ڳالهه آهي، پي ٽي آءِ کي هڪ سياسي جماعت طور چونڊون وڙهڻ جي اجازت ملڻ سان چونڊ عمل وڌيڪ معتبر بڻجي سگهي پيو. هن دعويٰ ڪئي ته هن اها ڳالهه جنيد اڪبر ۽ اسد قيصر کي گلگت بلتستان وڃڻ کان روڪڻ واري معاملي تي به کلي عام بيان ڪئي هئي.هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي ٽيم مختصر عرصي ۾ بهترين ڪم ڪيو، پر پيپلز پارٽي جي لامحدود مالي وسيلن جي مقابلي ۾ پارٽي وٽ مالي سهڪار ڪندڙن جي کوٽ سبب هو پوئتي رهجي ويا.