گلگت بلتستان جي 5 تڪن جا نتيجا روڪيا ويا، ٻيهر پولنگ ٿيندي

گلگت(م ڊ) گلگت بلتستان جي اليڪشن ڪميشن 5 تڪن ۾ چونڊ نتيجن کي روڪيندي مخصوص پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏنو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان راجا شهباز هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته گلگت بلتستان جي 5 تڪن ۾ ڪجهه پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏنو ويو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته سڀني تڪن جو فارم 47 مڪمل ڪيو ويو آهي، 5 تڪن ۾  ڪجهه پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏنو ويو آهي، انهن تڪن جا حتمي نتيجا ملتوي ڪيا ويا آهن، ۽ 15 جون تي پولنگ کان پوءِ لاڳاپيل تڪن جا فارم 47 ۽ 48 جاري ڪيا ويندا. هن چيو ته جي بي اي-8 ۾ 10 پولنگ اسٽيشنن، جي بي اي-13 استور ۾ هڪ، جي بي اي-15 ديامر-1 ۾ هڪ، جي بي اي-16 ديامر-2 ۾ ٽي ۽ جي بي اي-17 ديامر-3 ۾ 11 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.