ڪراچي(رپورٽر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان ادارہ نور حق ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن 12 جون تي پيش ٿيندڙ بجيٽ ۾ عوام تي وڌيڪ ٽيڪسن جو بار وڌو ويو ته 13 جون کان ملڪ گير احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي ۽ تمام جلد ڦيٿا جام هڙتال جو اعلان پڻ ڪيو ويندو.هن چيو ته سنڌ ۾ هلندڙ سسٽم گلگت بلتستان تائين پهچايو ويو آهي،جن طاقتور ماڻهن زرداري تي نظر ڪرم ڪيو آهي اهي پاڪستان ۾ وڌيڪ ڪيترا يونيورسٽي روڊ ۽ ريڊ لائن بڻائڻ چاهين ٿا؟
ڪيترو پاڪستان کي پاڻي ڏيڻ چاهين ٿا؟حڪومت شوگر مافيا کي فائدو پهچائڻ لاءِ کنڊ برآمد ڪرڻ جا فيصلا ڪري رهي آهي، جنهن سبب کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. ڪراچي کي ان جا جائز حق ۽ وسيلا ناهن ڏنا پيا وڃن. ڪي فور منصوبي جي تڪميل ۾ مسلسل دير ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته شهر جو 70 کان 80 سيڪڙو حصو پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار آهي ۽ ٽينڪر مافيا سرڪاري سرپرستي هيٺ سرگرم آهي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته ملڪ کي ڪنهن نئين آئيني ترميم جي ضرورت ناهي، بلڪه ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائي کين سڌا مالي وسيلا فراهم ڪيا وڃن.ان موقعي تي سيف الدين ايڊووڪيٽ، توفيق الدين صديقي ۽ يرغمال بڻيل شهرين جا وارث پڻ موجود هئا.