ڪراچي(رپورٽر)صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) سنڌ پاران ڱاري 09 جون تي جاري ڪيل رپورٽ موجب، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وچولي ۽ شديد هيٽ ويو( گرمي جي لهر) واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي۔ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڄ کان 12 جون تائين سکر، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، موئن جو دڙو، دادو، شهيد بينظير آباد، گھوٽڪي، خيرپور، ۽ نوشهروفيروز ۾ گرمي پد معمول ان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ واڌاري سان گڏ 48 کان 51 سينٽي گريڊ جڏهن ته ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ڄامشورو ۽ سانگھڙ ضلعن ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 42 کان 45 سينٽي گريڊ ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ 9 کان 12 جون تائين وڌ ۾ وڌ گرمي پد 39 کان 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.