جهنگ ۾ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار شاگردياڻي فوت

جهنگ(عوامي آواز نيوز) جھنگ ۾ چار ڏينهن اڳ گم ٿيندڙ يارهين جماعت جي 18 سالن جي شاگردياڻي عيشال فاطمه جي مبينا اغوا ۽ لڄالٽ بابت اهم خبر سامهون آئي آهي. ذريعن موجب، اسپتال آندي ويل عيشال فاطمه علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته چوٿين جوابدار خليل جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. جھنگ پوليس واقعي ۾ استعمال ٿيل گاڏي به پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي  آهي ۽ جوابدارن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.عيشال فاطمه چار ڏينهن اڳ پراسرار طور تي گم ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ گهرڀاتين جي درخواست تي سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي تي گمشدگيءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي شاهدن ۽ واقعي جي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪيس ۾ مبينا اجتماعي لڄالٽ جو پهلو شامل ٿي سگهي ٿو، پر حتمي راءِ ميڊيڪل، فارينزڪ ۽ ٻين جاچ رپورٽن جي اچڻ کانپوءِ ئي قائم ڪئي ويندي.ٻئي طرف نينگري جي پيءُ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز کان انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.