پشاور(عوامي آواز نيوز) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي جبلن ۽ ريگستانن ۾ موجود معدني ذخيرن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، جتي طاقتور قوتون کوٽائي ڪري رهيون آهن ۽ غريب عوام جي ملڪيت تي والار ڪيو پيو وڃي. مولانا فضل الرحمان، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران اين ايف سي ايوارڊ، صوبي ۾ امن امان جي خراب صورتحال، ديني مدرسن جي رجسٽريشن ۽ پنجاب مان ڪڻڪ جي چرپر تي پابندي سميت اهم معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان صوبائي حقن، وفاق جي روين ۽ امن امان بابت سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته اين ايف سي ايوارڊ صوبن جو اهو حق آهي، جيڪو پارليامينٽ جي اتفاقِ راءِ سان تسليم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ان ۾ واڌ ته ٿي سگهي ٿي، پر ڪنهن به قسم جي گهٽتائي قبول نه ڪئي ويندي.سندس چوڻ هو ته هر صوبي جا ماڻهو پنهنجي وسيلن جا پاڻ مالڪ آهن. وفاق يا ڪو به طاقتور ادارو صوبن جي عوام جي وسيلن تي قبضو ڪري کين انهن جي فائدن کان محروم نٿو ڪري سگهي، اسان اهڙي عمل جي اجازت نه ڏينداسين سندس چوڻ هو ته حالتون اهڙيون لڳن ٿيون ڄڻ اتي حڪومتي رِٽ مڪمل طور ختم ٿي وئي هجي ۽ عام ماڻهو هٿياربند گروهن جي رحم ڪرم تي زندگي گذاري رهيا هجن.