مُصدق حسين جو آل رائونڊر شو, بنگلاديش پهرين ون ڊي ۾ آسٽريليا کي 86 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي
ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين مقابلي ۾ آسٽريليا کي ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم( ڊي ايل ايس) تحت 86 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
شيرِ بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
بنگلاديش مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 284 رنسون ٺاهيون، نجم الحسن شانتو 67 رنسن جي ذميواراڻي اننگز کيڏي، جڏهن ته تنزيد حسن 54 رنسون اسڪور ڪيون.
آخر ۾ مُصدق حسين شاندار جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 70 بالن تي ناٽ آئوٽ 86 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 7 چوڪا ۽ 3 ڇڪا شامل هئا. توحيد هردوئي 31 ۽ تسڪين احمد 20 رنسن جي ڪارائتي اننگز کيڏي.
آسٽريليا طرفان نٿن ايلس بهترين بالنگ ڪندي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ميٽ رينشا ۽ ليئم اسڪاٽ ٻه، ٻه شڪار ڪيا.
برسات سبب متاثر ميچ ۾ آسٽريليا کي 42.2 اوورن ۾ 278 رنسن جو هدف ڏنو ويو، پر مهمان ٽيم مقرر اوورن تائين 9 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 191 رنسون ٺاهي سگهي.
آسٽريليا جي شروعات ڏاڍي خراب رهي ۽ ميٿيو شارٽ کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته مارنس لبوشين به رڳو هڪ رنسن ٺاهي سگهيو.
ايلڪس ڪيري 47 ۽ ڪوپر ڪونولي 35 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪئمرون گرين ناٽ آئوٽ 52 رنسن جي اننگز کيڏي، پر ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيو.
بنگلاديش طرفان ناهيڊ رانا 4 وڪيٽون ورتيون، مُصدق حسين ۽ مصفيض الرحمان ٻه ٻه، جڏهن ته تسڪين احمد هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
آل رائونڊ ڪارڪردگي تي مُصدق حسين کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
هن فتح سان گڏ بنگلاديش ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.