پشاور ويجهو ايف سي چوڪي تي حملو، 6 اهلڪار شهيد، 4 زخمي

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي ويجهو فيڊرل ڪانسٽيبلري جي هڪ چوڪيءَ تي دهشتگردن جي حملي ۾ ڇهه اهلڪار شهيد، جڏهن ته چار زخمي آهن.
خيبر پختونخوا جي سينيئر پوليس اختيارين حملي بابت ميڊيا ڳالهائيندي ڇهن اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.
ٻئي پاسي سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڪيءَ تي مقرر اهلڪارن حملي تي فوري جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ چئن دهشتگرد جي مارجڻ جا اطلاع آهن، پر فرار ٿيل دهشتگرڊ لاش پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگرن ايف سي جي ڇهه اهلڪارن کي به پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن ۽ هن وقت علائقي ۾ آپريشن جاري آهي.
هواڏنهن ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جي نالي سان هڪ پوسٽ به سامهون آئي آهي، جنهن ۾ هن حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي.
هي واقعو پشاور جي ويجهو حسن خيل واري علائقي ۾ رات هڪ کان ٻه وڳي جي وچ ۾ پيش آيو هو.
ياد رهي ته حسن خيل ۾ ماضيءَ ۾ به دهشتگردن جي موجودگيءَ تي سيڪيورٽي فورسز ڪارروائيون ڪيون آهن.
آڪٽوبر 2025ع ۾ حسن خيل پوليس اسٽيشن تي حملو ٿيو هو، جنهن ۾ دهشتگردن ۽ پوليس وچ ۾ شديد فائرنگ ٿي هئي ۽ ٻه حملي دهشتگرد مارجي ويا هئا.
ان کانسواءِ مئي 2024ع ۾ حسن خيل ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران پنج دهشتگرد مارجي ويا هئا، جڏهن ته هڪ ڪيپٽن ۽ هڪ حوالدار شهيد ٿيا هئا.
اپريل 2026ع ۾ به حسن خيل ويجهو سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو هو، جنهن ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.