51 سالن جو انتظار ختم، ڪمل حسن جي فلم ريليز!

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار ڪمل هاسن انڪشاف ڪيو آهي ته جنهن فلم جي ڪهاڻي هن 20 ورهين جي عمر ۾ ٻڌي هئي، اها هاڻي سندس 71 ورهين جي عمر ۾ رليز ٿي رهي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڪمل هاسن حيدرآباد ۾ هڪ تقريب دوران 94 ورهين جي هدايتڪار سنگيتم سرينواس رائو بابت ڳالهائيندي چيو ته 45 سال اڳ هدايتڪار کيس ٻه ڪهاڻيون ٻڌايون هيون. هڪ ڪهاڻي تي فلم ٺهي وئي، جڏهن ته ٻي فلم ٽيڪنيڪي سببن ۽ ڊگهي عرصي گذرڻ ڪري نه ٺهي سگهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن اها ڪهاڻي ٻڌي هئي ته هو صرف 20 ورهين جو هو، پر هاڻي اها فلم سندس 71 ورهين جي عمر ۾ رليز ٿي رهي آهي.

واضح رهي ته 94 ورهين جي سنگيتم سرينواس رائو جي نئين تيلگو فلم ”سنگ گيٿم“ 11 جون تي رليز ٿي رهي آهي. فلمي حلقن موجب هن منصوبي ۾ شروعاتي طور ڪمل هاسن کي هيرو طور ڪاسٽ ڪرڻ جو ارادو هو، پر هاڻي اها فلم نون اداڪارن سان وڏي پردي تي پيش ڪئي پئي وڃي. سنگيتم سرينواس رائو پنهنجي 61هين فلم سان دنيا جي سڀ کان عمر رسيده سرگرم فلمسازن مان هڪ طور نئون اعزاز پڻ حاصل ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.