عمران خان جي گرل فرينڊ”گهر اجاڙيندڙ“ واري رمارڪس تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي!

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار عمران خان جي گرل فرينڊ ۽ ڏکڻ ڀارتي اداڪارا ليکا واشنگٽن، سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن کي حقيقت ڄاڻڻ کانسواءِ ٻين بابت راءِ قائم نه ڪرڻ گهرجي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ليکا واشنگٽن چيو ته کيس ننڍپڻ کان وٺي مختلف نالن سان سڏيو ويندو رهيو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو کيس ”بدڪردار“ يا ”گهر اُجاڙيندڙ“ جهڙا لقب ڏيندا رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته اهڙا لفظ اڪثر عورتن کي هيٺ ڏيکارڻ ۽ قابو ۾ رکڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته ٻئي ڪنهن جي لاڳاپن جي پيچيدگين کي سمجهڻ کانسواءِ فيصلو ڏيڻ مناسب ناهي.

واضح رهي ته عمران خان 2019ع ۾ اڳوڻي زال اونتيڪا ملڪ کان ڌار ٿيو هو، جنهن کانپوءِ 2020ع ۾ سندس ليکا واشنگٽن سان لاڳاپا سامهون آيا. ٻئي پاسي عمران خان تازو هڪ انٽرويو ۾ چيو ته جيڪڏهن سندس ڌيءُ مستقبل ۾ سندس جهڙي شخص کي پسند ڪري ته کيس خوشي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.