گلگت بلتستان جي 5 تڪن جا چونڊ نتيجا روڪيا ويا، ٻيهر پولنگ جو حڪم

گلگت( ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي الڪشن ڪميشن 5 تڪن تي چونڊ نتيجا روڪيندي مخصوص پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
چيف الڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان راجا شهباز پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته گلگت بلتستان جي 5 تڪن جي ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
چيف الڪشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته سمورن تڪن جا فارم 47 مڪمل ٿي چڪا آهن، پر 5 تڪن جي ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏنو آهي، انهن تڪن جي حتمي نتيجن کي ملتوي ڪيو ويو آهي، 15 جون تي پولنگ کانپوءِ لاڳاپيل تڪن جا فارم 47 ۽ 48 جاري ڪيا ويندا.
سندس چوڻ هو ته جي بي اي 8 جا 10، جي بي اي 13 استور جو هڪ، جي بي اي 15 ديامر ون جو هڪ، جي بي اي 16 ديامر ٽو جا 3 ۽ جي بي اي 17 ديامر ٿري جي 11 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر ووٽنگ ٿيندي.
الڪشن ڪميشن گلگت بلتستان جي نوٽيفڪيشن موجب، ري پولنگ واري پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا شامل ٿيڻ کانپوءِ ئي حتمي نتيجو ڪڍيو ويندو ۽ تيستائين پوسٽل بيلٽس کولڻ ۽ ڳڻپ ڪرڻ تي پابندي هوندي.
الڪشن ڪميشن لاڳاپيل ريٽرننگ آفيسرن کي نتيجا جاري نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.