ڊمبولا (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا جي ميزباني هيٺ ٽه ملڪي سيريز جي پهرئين مقابلي ۾ ڀارت اي سريلنڪا اي کي سخت مقابلي کانپوءِ 8 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
رنگيري ڊمبولا انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت اي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 277 رنسون ٺاهيون.
ڀارت اي جي نائب ڪپتان رتوراج گائيڪواڙ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 114 بالن تي 101 رنسون اسڪور ڪيون، جنهن ۾ 6 چوڪا ۽ 3 ڇڪا شامل هئا، ڪپتان تلڪ ورما 60 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته پريانش آريا 32 ۽ آيوش بدوني 24 رنسن سان نمايان رهيا.
سريلنڪا اي طرفان محمد شيراز 2 وڪيٽون ورتيون ، چميڪا ڪرونارتني، گاروڪا سنڪٿ ۽ وانوجا ساهان جي حصي ۾ هڪ، هڪ آئي.
278 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي ۾ سريلنڪا اي جي ٽيم 48.5 اوورن ۾ 269 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ميزبان ٽيم جي ڪپتان ساهان آراچچيگي 74 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، جڏهن ته نيروشن ڊڪويلا 47، سديارا سماراوڪرما 46 ۽ اويشڪا فرنينڊو 45 رنسون ٺاهيون.
ڀارت اي طرفانانڪول راءِ، آيوش بدوني ۽ وپراج نگم ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ارشد خان ميچ جي آخر اهم ڪردار ادا ڪندي 2 بيٽرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، انشول ڪمبوج به هڪ وڪيٽ پنهنجي نالي ڪئي.
رتوراج گائيڪواڙ کي شاندار سينچري تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
You might also like