لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا ميرا صحافي جي”سائڪو“ چوڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي فنڪارن کي عزت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ هڪ وڊيو ۾ هڪ صحافي اداڪارا ميرا سان سندس نئين فلم سائيڪو بابت ڳالهائيندي چيو ته هوءَ اڳ به ”سائيڪو“ هئي ۽ فلم ۾ به اهڙو ئي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڃا تائين ان ڪردار مان ٻاهر نه نڪري سگهي آهي. ان تي ميرا ڪاوڙ ڪندي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ فنڪارن کي عزت نه ملندي ته کين هندستان ۾ تمام گهڻي عزت ملي ٿي.
اداڪارا چيو ته کيس ”سائيڪو“ سڏڻ ۽ ذاتي طور اهڙو قرار ڏيڻ مناسب ناهي. سندس چوڻ هو ته هن فلم ۾ رڳو هڪ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اهو سندس ڪيريئر جي سڀ کان ڏکين ڪردارن مان هڪ هو. هن چيو ته کيس اميد هئي ته هن فلم کانپوءِ ماڻهن طرفان کيس ۽ هدايتڪار شان شاهد کي ساراهيو ويندو، ڇو ته هنن پاڪستان ۾ رهي اهڙي مشڪل موضوع تي فلم ٺاهي آهي.
ميرا وڌيڪ چيو ته هي فلم ڊپريشن جهڙي حساس موضوع تي ٻڌل آهي ۽ ان ذريعي ماڻهن کي ڪجهه سکڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. واضح رهي ته جيو فلمز جي بينر هيٺ ٺهيل فلم ”سائيڪو“ عيدالاضحيٰ تي رليز ڪئي وئي، جنهن ۾ شان شاهد، سونيا حسين، ميرا، شبير جان ۽ ٻيا فنڪار شامل آهن.