ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور فلم ”پي ڪي“ ۾ رڳو 5 سيڪنڊن لاءِ نظر آيل هڪ حقيقي ڀيڪاري جي زندگي مڪمل طور تبديل ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 2014ع ۾ رليز ٿيل هدايتڪار راجڪمار هيراڻي جي فلم ”پي ڪي“ ۾ نابين پينو فقير جي مختصر ڪردار لاءِ 8 حقيقي فقيرن مان منوج راءِ کي چونڊيو ويو هو. فلم جي هڪ منظر ۾ منوج راءِ پل تي بيهي پني رهيو آهي ، جتي فلم جو مرڪزي ڪردار عامر خان سندس ڪشڪول مان ڪجهه پئسا کڻي ٿو. هي منظر رڳو ڪجهه سيڪنڊن تي ٻڌل هو.
رپورٽن موجب منوج راءِ کي هن ڪردار لاءِ 16 هزار ڀارتي رپيا معاوضو مليو، جنهن کانپوءِ هو آسام جي سونيت پور ضلعي ۾ پنهنجي ڳوٺ موٽي ويو. اتي پهچڻ بعد هن پنڻ ڇڏي ڪرياني جو دڪان کوليو، جيڪو هو اڄ به هلائي رهيو آهي. منوج جو تعلق انتهائي غريب گهراڻي سان هو، سندس ماءُ ننڍپڻ ۾ فوت ٿي وئي هئي ۽ بيمار پيءُ جي ڪري هن پنجين درجي کانپوءِ تعليم ڇڏي روزگار لاءِ دهلي جو رخ ڪيو.
رپورٽ موجب منوج پاڻ کي نابين ظاهر ڪري پندو هو. سندس چوڻ هو ته جڏهن فلم جي ٽيم کانئس اداڪاري بابت پڇيو ته هن جواب ڏنو ته ”ٻه ويلا ماني لاءِ مان روز اداڪاري ئي ته ڪندو آهيان.“ بعد ۾ کيس آڊيشن لاءِ سڏ ڪيو ويو، جتي ٻين ست پينو فقيرن مان کيس چونڊيو ويو. منوج ٻڌايو ته کيس پهريون ڀيرو فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهڻ جو موقعو مليو، جتي هو انوشڪا شرما ۽ عامر خان سان گڏ رهيو. هن چيو ته هاڻي ماڻهو کيس ”پي ڪي هني سنگهه“ جي نالي سان سڃاڻن ٿا ۽ هو مستقبل ۾ آسامي ۽ بنگالي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.