هني مون تي گهر ڀاتين کي گڏ وٺي هلڻ تان زال مڙس کان طلاق گهري ورتي

لکئنو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش سان تعلق رکندڙ هڪ عورت ۽ نئين دهلي جي پٽيل نگر جي رهواسي جي شادي ويب سائيٽ ذريعي طئي ٿي هئي.
شادي کانپوءِ مڙس طرفان پنهنجي زال کي هني مون تي وٺي ويو، پر اهو هني مون ٻنهي وچ ۾ علحدگيءَ جو ڪارڻ تڏهن بڻيو، جڏهن مڙس پنهنجي والدين ۽ ڀيڻ ڀائرن کي به هني مون تي گڏ وٺي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ٻنهي زال مڙس وچ ۾ جيهڙو ايترو ته وڌي ويو جو زال طلاق جو مطالبو ڪري ڇڏيو، جنهن تي کين ڪائونسلنگ سينٽر اماڻيو ويو.
زال ڪائونسلر کي ٻڌايو ته هني مون تي وڃڻ جو مقصد زال ۽ مڙس وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ هوندو آهي، پر گهرڀاتين جي مسلسل موجودگيءَ سبب مڙس سان مناسب وقت نه ملي سگهيو.
ٻئي پاسي مڙس جو موقف هو ته هو پنهنجي خاندان کي گڏ وٺي ويو ڇو ته هو چاهي ٿو ته سڀ خوش هجن، پاڻ سان گڏ والدين ۽ ڀيڻ ڀائرن کي شامل ڪرڻ نامناسب نه هو ۽ کيس اها غلطي نٿي لڳي.
ميڊيا رپورٽن موجب، مڙس زال وچ ۾ تڪرار اڳ ۾ ئي ڪائونسلنگ جي 3 سيشنز مان گذري چڪو هو، پر ٻئي ڌريون ٺاهه تيار نه ٿيون، جنهن کانپوءِ ڪائونسلرز تازو ئي هڪ ٻيو سيشن ڪيو ۽ جوڙي کي پنهنجي مستقبل تي غور ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.