سمارٽ فونن جي ڪري ٻار ڄڻڻ جي شرح گهٽجي وئي: تحقيق

سمارٽ فونن جو استعمال هاڻي سڄي دنيا ۾ عام ٿي چڪو آهي ۽ اربين ماڻهن کي ان ڊوائس تائين پهچ حاصل آهي، پر هاڻي تحقيقي رپورٽن ۾ سمارٽ فونن جي استعمال جو هڪ دنگ ڪري ڇڏيندڙ اثر سامهون آيو آهي.
آمريڪا جي نيشنل بيورو آف اڪنامڪس ريسرچ جي تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2007ع کان وٺي آمريڪا ۾ ٻارن جي پيدائش جي شرح ۾ 22 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.
واضح رهي ته 2007ع اهو سال هو جڏهن پهريون آءِ فون متعارف ڪرايو ويو هو ۽ تحقيق ۾ آءِ فون يا سمارٽ فونن کي برٿ ڪنٽرول (پيدائش کي روڪڻ وارو ذريعو) قرار ڏنو ويو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ ٻار ڄمڻ جي شرح ۾ گهٽتائي کي اڳ ۾ 2008ع جي عالمي معاشي بحران سان ڳنڍيو ويندو هو، پر جڏهن معيشت بحال ٿي ته به پيدائش جو انگ معمول تي واپس نه آيو.
ٻارن جي پيدائش جي شرح ۾ وڏي واڌ جو ٻيو ڪارڻ حمل روڪڻ وارين شين جو استعمال، عورتن جي تعليم جي شرح ۾ واڌ ۽ ٻارن جي سنڀال جا خرچ وغيره آهي، پر ان تحقيق ۾ خاص طور تي 2007ع کان پوءِ سمارٽ فونن جي اثرن جو جائزو ورتو ويو.
2011ع تائين آءِ فونز رڳو هڪ آمريڪي موبائل نيٽ ورڪ تي دستياب هئا، تنهن ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ انهن جو استعمال نه ٿي رهيو هو.
تحقيق مان پتو پئي ٿو ته جن علائقن ۾ سمارٽ فونز دستياب هئا، اتي 15 کان 24 سالن جي عورتن ۾ پيدائش جي شرح ۾ 4.5 کان 8 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي، جڏهن ته 24 سالن کان وڏي عمر وارين عورتن ۾ هي گهٽتائي معمولي هئي.
محققن موجب، سمارٽ فونن جي آمد کان پوءِ سماجي ميل ميلاپ گهٽجي ويو آهي ، جيڪو پيدائش جي شرح ۾ گهٽتائي جو هڪ ڪارڻ آهي.
ٻئي پاسي سنسناٽي يونيورسٽي جي هڪ ٻي تحقيق ۾ به ملندڙ جلندڙ اثر کي عالمي سطح تي دريافت ڪيو ويو.
هن تحقيق ۾ دنيا جي 128 ملڪن ۾ سمارٽ فونن جي دستيابي ۽ نوجوانن ۾ پيدائش جي شرح جو تجزيو ڪيو ويو.
تحقيق ۾ اهو نتيجو نڪتو ته جڏهن سمارٽ فونن وڏي پيماني تي دستياب ٿيا ته پيدائش جي شرح ۾ گهٽتائي نمايان ٿي وئي.
محققن ان کي ” گڏيل عالمي ٽيڪنالاجي شاڪ” قرار ڏنو آهي.
عالمي سطح تي امير ۽ غريب ٻنهي ملڪن ۾ پيدائش جي شرح گهٽجڻ سبب وڏي عمر وارن ماڻهن جو انگ وڌي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ افرادي قوت گهٽجي وئي آهي ۽ سماجي سيڪيورٽي نظام تي دٻاءُ وڌي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.