تيزاب گردي جا واقعا: سماج، حڪومتن ۽ قانون لاءِ هڪ وڏو چئلينج

ڪوئيٽا ۾ ڊاڪٽر ماھه نور ناصر تي تيزاب اڇلائڻ جو تازو واقعو سڄي ملڪ لاءِ تشويش جو سبب بڻيو آهي. هي رڳو هڪ فرد تي حملو نه پر عورتن جي عزت، تحفظ، آزادي ۽ بنيادي انساني حقن تي حملو آهي. اهڙا واقعا ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته اسان جو سماج اڃا تائين عورتن خلاف تشدد جي مختلف شڪلين کان مڪمل طور محفوظ نه ٿي سگهيو آهي. ڊاڪٽر ماھنور جهڙيون باصلاحيت ۽ محنتي نياڻيون جيڪي سماج جي خدمت لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪن ٿيون، جڏهن اهڙي وحشياڻي عمل جو نشانو بڻجن ٿيون ته اهو رڳو متاثر خاندان نه پر پوري سماج جي ناڪامي تصور ڪئي وڃي ٿي.

تيزاب گردي دنيا جي بدترين ڏوهن مان هڪ سمجهي ويندي آهي. اهڙي حملي جو مقصد رڳو جسماني نقصان پهچائڻ نه هوندو آهي پر متاثر شخص جي چهري، سڃاڻپ، اعتماد ۽ مستقبل کي تباهه ڪرڻ هوندو آهي. ڪيترين ئي متاثر عورتن کي سڄي زندگي نفسياتي اذيت، سماجي دٻاءُ ۽ طبي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان ڪري اهڙي قسم جي دهشتگردي کي عام ڏوهه بدران انساني وقار خلاف سنگين جرم سمجهڻ گهرجي. بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ماضي ۾ به تيزاب گردي جا ڪيترائي واقعا سامهون اچي چڪا آهن. انهن مان اڪثر واقعا ذاتي دشمني، شادي کان انڪار، گهريلو تڪرارن يا عورتن کي سبق سيکارڻ جي ذهنيت جو نتيجو رهيا آهن. جيتوڻيڪ قانون سازي ذريعي اهڙن ڏوهن لاءِ سخت سزائن جو تعين ڪيو ويو آهي، پر اڃا تائين مڪمل روڪٿام ممڪن نه ٿي سگهي آهي. ان جو مطلب آهي ته مسئلو صرف قانون جي موجودگي جو نه پر ان جي اثرائتي عملدرآمد، سماجي شعور ۽ رياستي ذميواري جو به آهي.

ڊاڪٽر ماھنور واري واقعي مان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي فوري سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. هر اهڙو واقعو رياستي ادارن لاءِ هڪ خبردار ڪندڙ گهنٽي هوندو آهي ته موجوده حفاظتي انتظامن ۾ ڪٿي نه ڪٿي خاميون موجود آهن. جيڪڏهن انهن خامين کي دور نه ڪيو ويو ته مستقبل ۾ به اهڙيون المناڪ وارداتون ٿينديون رهنديون.  تيزاب گردي جي روڪٿام لاءِ حڪومتن کي ڪجهه تجويزون ڏئي سگهجن ٿيون مثال طور سڀ کان پهرين تيزاب جي خريد ۽ وڪري بابت سخت ضابطا لاڳو ڪرڻ گهرجن. ملڪ ۾ ڪيترن هنڌن تي تيزاب آساني سان دستياب آهي. اهڙي خطرناڪ ڪيميائي مادو خريد ڪرڻ ۽ وڪڻڻ لاءِ لائسنس جو نظام متعارف ڪرائي سگهجي ٿو. هر خريد ڪندڙ جو مڪمل رڪارڊ رکڻ لازمي قرار ڏنو وڃي. غير قانوني طور تي تيزاب وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. جڏهن تائين تيزاب جي بي ضابطه دستيابي ختم نه ٿيندي، تيستائين اهڙن حملن جي روڪٿام مشڪل رهندي.

ٻيو اهم قدم قانون جي سخت ۽ تيز عملدرآمد جو آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته متاثر خاندان سالن تائين انصاف لاءِ عدالتن جا چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا. اهڙن ڪيسن لاءِ خصوصي عدالتون قائم ڪيون وڃن جيڪي مقرر مدي اندر فيصلا ٻڌائين. جوابدارن کي جلد کان جلد سزا ملڻ سان نه رڳو متاثر ڌر کي انصاف ملندو پر ٻين لاءِ به عبرت جو سامان پيدا ٿيندو. ٽيون اهم پاسو پوليس جي ڪارڪردگي سان لاڳاپيل آهي. پوليس کي عورتن خلاف تشدد جي ڪيسن جي جاچ لاءِ جديد تربيت ڏني وڃي. هر ضلعي ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ خاص يونٽ قائم ڪيا وڃن جيڪي خطري هيٺ آيل عورتن کي بروقت تحفظ فراهم ڪري سگهن. ڪيترائي اهڙا واقعا اڳواٽ ڌمڪين کان پوءِ پيش ايندا آهن. جيڪڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙين شڪايتن تي سنجيدگي سان ڌيان ڏين ته ڪيترائي ڏوهه ٿيڻ کان اڳ روڪي سگهجن ٿا.

چوٿين اهم ضرورت متاثرن جي بحالي ۽ مدد آهي. تيزاب گردي جو شڪار ٿيندڙ عورتن کي مهانگي علاج، پلاسٽڪ سرجري، نفسياتي مشاورت ۽ سماجي سهڪار جي ضرورت هوندي آهي. حڪومت کي هڪ مستقل فنڊ قائم ڪرڻ گهرجي جنهن مان اهڙن متاثرن جو مفت علاج ڪرايو وڃي. تعليمي ادارن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جو ڪردار به انتهائي اهم آهي. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ عورتن جي حقن، احترام ۽ صنفي برابري بابت شعور پيدا ڪرڻ گهرجي. نوجوانن کي اهو سيکارڻ ضروري آهي ته اختلاف، انڪار يا ذاتي ناراضگي جو جواب تشدد نه پر قانوني ۽ مهذب رويو هوندو آهي. ميڊيا کي به اهڙن واقعن جي ذميواراڻي رپورٽنگ سان گڏ سماجي شعور پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

اسان جي سماج ۾ عورتن خلاف تشدد جا ڪيترائي واقعا انهن منفي سماجي روين جو نتيجو آهن جيڪي عورت کي هڪ آزاد ۽ بااختيار انسان بدران هڪ ڪمزور حيثيت ۾ ڏسن ٿا. جيستائين اهڙي ذهنيت تبديل نه ٿيندي، تيستائين قانون اڪيلو مسئلو حل نه ڪري سگهندو. گهر، اسڪول، مذهبي ادارا ۽ سماجي تنظيمون سڀ گڏجي احترامِ انسانيت ۽ احترامِ عورت جو پيغام عام ڪن. ڊاڪٽر ماھنور تي حملو ان ڳالهه جو به تقاضا ڪري ٿو ته حڪومتون عورتن جي تحفظ بابت پنهنجين پاليسين جو نئين سر جائزو وٺن. هر صوبي ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ قائم ادارن کي وڌيڪ وسيلن، اختيارن ۽ عملي سان مضبوط ڪيو وڃي. هيلپ لائينن، تحفظ مرڪزن ۽ قانوني امداد جي نظام کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي ته جيئن متاثر عورتون بنا خوف جي مدد حاصل ڪري سگهن.

وقت اچي ويو آهي ته حڪومتون رڳو ردعمل تائين محدود نه رهن پر اڳواٽ روڪٿام واري حڪمت عملي اختيار ڪن. تيزاب جي وڪري تي سخت نگراني، تڪڙو انصاف، متاثرن جي بحالي، پوليس سڌارا ۽ سماجي شعور جي مهمون ئي اهڙا قدم آهن جيڪي مستقبل ۾ اهڙن ڏکوئيندڙ واقعن کي روڪي سگهن ٿا. هڪ مهذب ۽ انصاف پسند سماج جي سڃاڻپ اها هوندي آهي ته ان ۾ عورتون بنا خوف جي تعليم، روزگار ۽ سماجي زندگي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. حڪومتن جي ذميواري آهي ته اهي اهڙو ماحول هر حال ۾ مهيا ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.