گذريل ڪجهه ڏينهن کان سڄي پاڪستان ۾ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (FIA) جي ڀرتين لاءِ جسماني ٽيسٽن جو سلسلو جاري آهي. هزارين نوجوان، جيڪي پنهنجي مستقبل جا خواب اکين ۾ سجائي، مهينن کان محنت ۽ تياري ڪري رهيا هئا، انهن ٽيسٽن ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. انهن نوجوانن مان ڪيترن جو تعلق غريب ۽ وچولي طبقي سان آهي، جن لاءِ سرڪاري نوڪري صرف روزگار جو ذريعو نه، پر پنهنجي خاندان جي خوشحالي ۽ بهتر مستقبل جي اميد پڻ هوندي آهي.
7 جون تي مون به سکر سينٽر تي پنهنجي رننگ ٽيسٽ ڏني. ان ڏينهن کان اڳ مون لڳاتار ٻن مهينن تائين وڏي محنت سان تياري ڪئي هئي. روزانو صبح ۽ شام ڊوڙڻ، جسماني مشقون ڪرڻ ۽ پنهنجي فٽنيس کي بهتر بڻائڻ منهنجي معمول جو حصو بڻجي ويو هو. مون کي مڪمل يقين هو ته محنت ڪڏهن به ضايع نه ويندي ۽ مان آساني سان رننگ پاس ڪري ويندس. مون کان ٻه ڏينهن اڳ ڪجهه دوست سکر سينٽر تي رننگ ڏئي آيا هئا، پر تقريباً سڀئي ناڪام ٿي ويا. جڏهن مون انهن کان سبب پڇيو ته هنن ٻڌايو ته رننگ لاءِ مقرر ڪيل ٽرئڪ تمام ڊگهو آهي ۽ وقت انتهائي محدود رکيو ويو آهي. شروعات ۾ مون انهن ڳالهين تي گهڻو ڌيان نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته مون سمجهيو ته شايد تياري ۾ ڪا کوٽ رهجي وئي هوندي. پر جڏهن اڄ پاڻ عملي طور اها صورتحال ڏٺم ته محسوس ٿيو ته ڪيترن اميدوارن جا خدشا بي بنياد نه هئا.. هتي هڪ اهم سوال پيدا ٿئي ٿو: جيڪڏهن روزانو ٻه، ٽي يا ان کان وڌيڪ ڪلوميٽر ڊوڙ ڪندڙ، جسماني طور تي فِٽ ۽ مڪمل تياري ڪندڙ نوجوان به وڏي تعداد ۾ ناڪام ٿي رهيا آهن، ته ڇا مسئلو صرف اميدوارن ۾ آهي؟ يا پوءِ رننگ جي معيارن، وقت جي تعين يا انتظامي طريقيڪار ۾ به ڪجهه اهڙيون خاميون آهن، جن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي؟
اسان جو مطالبو هرگز اهو ناهي ته نااهل ماڻهن کي پاس ڪيو وڃي يا ميرٽ کي نظرانداز ڪيو وڃي. اسان صرف اهو چاهيون ٿا ته ڀرتيءَ جو عمل مڪمل طور شفاف، منصفاڻو ۽ واضح هجي. جيڪڏهن رننگ جو فاصلو، وقت يا معيار مقرر آهن ته انهن کي اڳواٽ عوام آڏو آندو وڃي. هر سينٽر تي هڪجهڙا اصول لاڳو ڪيا وڃن ۽ اميدوارن کي اهڙي معلومات فراهم ڪئي وڃي جنهن جي بنياد تي هو بهتر تياري ڪري سگهن