حيدرآباد ۾ مقابلو ڄاڻائي ماريل نوجوان جي وارثن جو ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل عبدالرشيد جوڻيجو جي وارثن عورتن سميت پوليس پاران لاش  نه ڏيڻ خلاف نسيم نگر پوليس چيڪ پوسٽ لڳ قومي شاهراھ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، احتجاج سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، احتجاج ۾ شامل عبدالرشيد جي ڀاءُ روشن جوڻيجو ٻڌايو ته پوليس عبدالرشيد کي علائقي واسين جي سامھون گذريل رات گھران کڻي وئي ھئي جنھن کي قتل ڪري ڪالھه ٻڌايو ويو، ھنن چيو ته عبدالرشيد ڪو ڏوھاري نه پر ڪاروباري ماڻھو ھو ھن جا شيدي ڳوٺ قاسم آباد ۾ ڪيترائي دڪان به آھن، پوليس ھن کي بيگناھ قتل ڪيو آھي جنھن جي اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي، جڏھن ھنن کي خبر پئي ته ھو ڪالھه منجھند جو ٿاڻي تي آيا ۽ لاش ڏيڻ جو چيو پر ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود رات تائين لاش نه ڏنو ويو جنھن تي ھنن مجبور ٿي روڊ بند ڪيو، ٻئي پاسي ھڪ ڪلاڪ تائين روڊ بند رھڻ بعد پوليس عملدارن پھچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالھيون ڪري سندن احتجاج ختم ڪرائي روڊ کولرايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.