بجيٽ سڀاڻي بدران جمعي تي پيش ٿيندي، پ پ ۽ حڪومت ۾ اڪثر تجويزن تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن  اڪثر بجيٽ تجويزن تي اتفاق ڪيو آهي.صوبن کان 1700 ارب رپيا وفاق کي ڏيڻ سميت ڪجهه معاملا فني ڪميٽين حوالي ڪيا ويا آهن. بجيٽ 10 جون بدران 12 جون جمعي تي پيش ٿيڻ جو امڪان آهي. ان سلسلي ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ اهم سياسي اڳڀرائي ٿي آهي. حڪومتي ذريعن موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي بجٽ واري معاملي تي حڪومت سان سهڪار جو گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف بلاول ڀٽو زرداري سان گرمجوشيءَ سان ڀاڪر پائي مليو.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري جي چونڊ مهم کي ساراهيو ۽ گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي کيس وڌايون پڻ ڏنيون.وزيراعظم صدر ڳالهائيندي چيو ته ”بلاول ڀٽو زرداري نوجوان آهي، هن نوجوانن تائين بهترين انداز ۾ پنهنجو پيغام پهچايو آهي، آخر پٽ ڪنهن جو آهي.“ذريعن موجب، ملاقات دوران وزيراعظم بجيٽ بابت پيپلز پارٽي جون ڪيتريون ئي تجويزون قبول ڪري ورتيون آهن، جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي حڪومت سان بجيٽ ۾ سهڪار تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جي نئين تاريخ جو اعلان ڪندي.ذريعن موجب، 10 جون تي وفاقي بجيٽ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو صدر ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ڪيو ويو. ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به موجود هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبن پاران وفاق کي 1,700 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جو فيصلو ٽيڪنيڪل ڪميٽين پاران ڪيو ويندو. ٽيڪنيڪل ڪميٽين جي قيام جو امڪان رات آهي.ذريعن موجب، قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس اڄ جي بدران 10 جون تي ٿيندو. اهو ياد رکڻ گهرجي ته اڳ ۾ اهو اظهار ڪيو ويو هو ته وفاقي بجيٽ 2026-27 جي اعلان ڪيل تاريخ تبديل ٿي سگهي ٿي. ايوان صدر ملاقات ۾  نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، قانون وارو وزير اعظم نذير، ناڻي وارو وزير ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله شرڪت ڪئي. ان کان سواءِ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير مراد مراد علي شاهه، سينيٽر شيري رحمان، نويد قمر، سليم مانڊوي والا، احد چيما، وزيراعظم آزاد ڪشمير فيصل راٺوڙ ۽ اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي سلامتي، اندروني ۽ علائقائي صورتحال، معيشت، بجيٽ، گلگت بلتستان جي چونڊن، آزاد ڪشمير جي صورتحال، امن امان ۽ قومي اهميت جي معاملن تي بحث ڪيو ويو. بجيٽ تجويزن ۽ عوامي رليف بابت ڳالهائيندي، صدر وفاقي بجيٽ ۾ عوامي ڀلائي، صوبن جي حقن ۽ معاشي استحڪام کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو. آصف زرداري چيو ته بجيٽ ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جڏهن ته گهرو وزير محسن نقوي صدر کي پنهنجي ايران جي دوري ۽ سفارتي رابطن بابت آگاهه ڪيو. ذريعن موجب، حڪومت ۽ پيپلز پارٽي هڪ ٻئي جي اڪثر بجيٽ تجويزن تي متفق ٿي ويا ۽ پيپلز پارٽي بجيٽ جي منظوري لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.