ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر لٽن داس پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان محمد رضوان تي الزام لڳايو آهي ته هو ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست کانپوءِ هٿ ملائڻ لاءِ نه آيو ۽ اهو عمل راند جي روح جي خلاف آهي.
واضح رهي ته گذريل مهيني بنگلاديش پنهنجي سرزمين تي پاڪستان کي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 0-2 تان ڪلين سوئپ ڪيو هو. ان کان اڳ پاڪستان کي ون ڊي سيريز ۾ به 1-2 تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، پنهنجي تازي انٽرويو ۾ لٽن داس چيو ته ميدان ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي، راند ختم ٿيڻ کانپوءِ هر ڪنهن کي هٿ ملائڻ گهرجي.
هن الزام لڳايو ته پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ رضوان اسان سان هٿ ملائڻ لاءِ نه آيو، هو ڪيڏو به وڏو رانديگر هجي، پر کيس ائين نه ڪرڻ گهرجي ها، هن ٻي ٽيسٽ ۾ به ساڳيو عمل ورجايو، ٿي سگهي ٿو کيس مون سان ڪو مسئلو هجي، پر بنگلاديشي ٽيم ته هن سان ڪجهه به نه ڪيو هو.
لٽن داس وڌيڪ چيو ته محمد رضوان کانسواءِ پوري پاڪستاني ٽيم اسان سان هٿ ملايو ۽ سندس اهو عمل مڪمل طور تي غير پيشيوراڻو هو.