ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾اڄ سون جي اگهن ۾ وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 3 هزار 94 رپيا سستو ٿي 4 لک 52 هزار 233 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 2 هزار 785 رپيا لاٿ کانپوءِ 3 لک 86 هزار 987 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 30 ڊالر گهٽتائي بعد 4 هزار 297 ڊالر جو ٿي ويو آهي.