پنجاب ۾ هڪ ئي ڏينهن دوران پوليس مقابلن ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا

لاهور (بيورو) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ پوليس جي دعويٰ موجب مختلف مبينا مقابلن دوران 8 گهربل ۽ رڪارڊ يافتا جوابدار مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، گجرانوالا ۾ ٿاڻي واهنڊو جي حدن اندر ڦر، چوري ۽ قتل سميت ڪيترن سنگين ڪيسن ۾ گهربل ٻه جوابدار محمد شهزاد ۽ عابد علي مبينا طور پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا. پوليس هٿيار ۽ ڦريل  موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي، ٿاڻي گکڙ منڊي جي حدن ۾ پوليس موجب امير حمزا ۽ نديم مسيح نالي ٻن جوابدارن مبينا مقابلي دوران پنهنجي ساٿين جي فائرنگ جو شڪار ٿي مارجي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته اهي جوابدار ڪيترن ڦرن ۽ وارداتن ۾ گهربل هئا، ساڳئي علائقي ۾ صلاح الدين عرف ڪاڪو نالي هڪ ٻيو جوابدار پڻ مبينا مقابلي دوران مارجي ويو، جڏهن ته سندس ٽي ساٿي فرار ٿي ويا، سي پي او گجرانوالا ڊاڪٽر سردار غياث گل خان واقعن جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي، هن چيو ته پرامن ۽ محفوظ سماج لاءِ ڏوهاري عنصرن ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ضروري آهي، ٻئي پاسي پتوڪي ۾ وان آڌن ڦاٽڪ ڀرسان مبينا مقابلي دوران ٻه جوابدار مارجي ويا، پوليس موجب جوابدار هڪ خاندان کان ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا، جن جي  پيڇي دوران فائرنگ جو سلسلو شروع ٿيو، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ جو نشانو بڻيا.، ساهيوال جي نواحي علائقي 96 نائن ايل ڀرسان سي سي ڊي پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ مبينا مقابلي دوران تنوير نالي هڪ جوابدار مارجي ويو، جڏهن ته ٻه ساٿي فرار ٿي ويا. پوليس موجب تنوير 84 مختلف وارداتن ۾ گهربل هو، پوليس فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون جوڙي ناڪابندي ۽ ڳولا جو عمل جاري رکيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.