سکر (ويب ڊيسڪ) پنجاب طرفان تڪراري فلڊ ڪينال مان پاڻيءَ جي کڻت بند نه ٿيڻ سبب سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 57 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن.
سنڌ کي پنهنجي حصي کان 45 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهٽ ملڻ لڳو آهي.
سرڪاري انگن اکرن موجب، پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڪوٽڙي بئراج تي 57 سيڪڙو، سکر بئراج تي 36 سيڪڙو ۽ گڊو بئراج تي 34 سيڪڙو کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
پاڻيءَ جي هن شديد کوٽ سبب بئراجن مان نڪرندڙ واهن کي به سندن حصي کان گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، جنهن ڪري زرعي فصلن کي وڏو نقصان پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.