” امان بابو به هلندا“ ويڀَو سورياونشي کي سريلنڪا ۽ برطانيا جي دوري لاءِ والدين سان گڏ وڃڻ جي اجازت ملي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) 15 ورهين جي اُڀرندڙ ڪرڪيٽر ويڀَو سورياونشي کي سينئر قومي ٽيم ۾ شامل ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، بي سي سي آءِ ويڀو سورياونشي جي والدين کي سريلنڪا ۽ برطانيا جي ايندڙ دورن تي رانديگر سان گڏ وڃڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ کين ان لاءِ خاص اجازت پڻ ڏني وئي آهي.
رپورٽن موجب، بورڊ طرفان رانديگر جي والدين جا سمورا خرچ برداشت ڪيا ويندا.
ڀارتي ڪرڪيٽ اختيارين جو چوڻ آهي ته هي فيصلو ان لاءِ ڪيو ويو آهي ته نوجوان رانديگر پاڻ کي آرامده محسوس ڪري سگهي ۽ قومي ٽيم سان بهتر طريقي سان هم آهنگ ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ويڀو سورياونشي اڃا ننڍي عمر جو آهي ۽ پهريون ڀيرو سينئر ٽيم جو حصو بڻيو آهي.
ويڀو سورياونشي کي انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ کانپوءِ ڀارت جي سينئر ٽيم ۽ ڀارت ”اي“ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.