اسلام آباد (بيورو) حڪومت پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 4 رپيا گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو، پيٽروليم ڊويزن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت برقرار رکي وئي، اعلان موجب پيٽرول جي نئين قيمت 377 رپيا 78 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف ڊيزل جي قيمت 380 رپيا 78 پئسا في ليٽر تي برقرار رهندي، پيٽروليم ڊويزن موجب نيون قيمتون فوري طور لاڳو ٿي ويون، ياد رهي ته گذريل هفتي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل ٻنهي جي قيمتن ۾ 22، 22 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ پيٽرول 381 رپيا 78 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 380 رپيا 78 پئسا في ليٽر ٿي ويو هو، ان کان اڳ پيٽرول جي قيمت 403 رپيا 78 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت 402 رپيا 78 پئسا في ليٽر مقرر هئي، جڏهن ته 15 مئي کان شروع ٿيندڙ هفتي لاءِ به پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو هو.