اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ ڪراچي ۾ جاري مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊ رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ دستاويزن موجب ڪراچي جي گرين لائين بس منصوبي لاءِ هڪ ارب 98 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته شهر ۾ روڊن، گهٽين، نيڪال آب ۽ پاڻي جي مختلف منصوبن لاءِ پڻ فنڊ رکڻ جي سفارش ڪئي وئي، دستاويزن موجب ضلعي اولھه ۾ بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ 26 ڪروڙ رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ناظم آباد ۽ لياقت آباد ۾ انفراسٽرڪچر جي سڌاري لاءِ 37 ڪروڙ رپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي، لانڍي، زمان ٽائون ۽ ڪورنگي ۾ روڊن، پاڻي جي فراهمي، نيڪال آب ۽ راندين جي ميدانن جي ترقي لاءِ 35 ڪروڙ رپين جي تجويز ڏني وئي، ان کان سواءِ ضلعي مرڪزي ۾ روڊن، گهٽين، پاڻي ۽ نيڪال آب جي منصوبن لاءِ 4 ڪروڙ 50 لک رپيا، جڏهن ته ڪورنگي ۽ ملير ضلعن ۾ اهڙن منصوبن لاءِ 5 ڪروڙ رپيا تجويز ڪيا ويا، ذريعن موجب وفاقي بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ ڪجهه نوان منصوبا به شامل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي جن ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ريسرچ سينٽر لاءِ 40 ڪروڙ رپيا، نيشنل ريسرچ اينڊ فرٽيلٽي ڪيئر جي اپگريڊيشن منصوبي لاءِ 39 ڪروڙ رپيا ۽ ڪراچي ۾ نيشنل يونيورسٽي آف نرسنگ جي قيام لاءِ 5 ڪروڙ رپين جي تجويز شامل آهي.