نيو سعيد آباد پوليس جو مقابلو، ڪراچي مان گاڏي ڦري ايندڙ 2 ڏوهاري مارجي ويا

مٽياري/ نيو سعيد آباد (رپورٽ:ضمير خاصخيلي/ مشتاق راھو) مٽياري ضلعي جي نيو سعيد آباد ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين جي وچ ۾ مبينا پوليس مقابلي بعد ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ، ڪراچيءَ  کان ريوو گاڏي ڦر جي ڳجهي اطلاع تي نيوسعيدآباد ٿاڻي جي پوليس ٽول پلازا وٽ ناڪا بندي ڪري ريوو گاڏي ڦر ڪندڙ ڏوھارين سان مھاڏو اٽڪايو، ان موقعي تي ڦورن پوليس کي ڏسي واپس پوئتي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن دوران ڪميجا شاخ وٽ ڦورن پاران ڦر ڪيل ريوو گاڏي خراب ٿيڻ سبب قومي شاهراهه تي ڇڏي ڀرسان زرعي زمين ۾ پوکيل وونڻن جي فصل ۾ فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران پوليس ۽ ڏوھارين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد مبينا مقابلي ۾ ٻه ڏوھاري مارجي ويا ، پوليس موجب مارجي ويل ڏوھارين جي سڃاڻپ سھيل لاشاري ۽ منظور عرف بابا بگٽي طور ٿي آهي،  اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي مٽياري عبدالعليم بلو واقعي واري ھنڌ پوليس جي وڏن اٽالن سان پهتو، ان موقعي تي ايس ايس پي مٽياري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي کان ڳجهو اطلاع ملڻ تي مٽياري ضلعي ۾ ناڪا بندي ڪرڻ بعد نيوسعيدآباد ۾ ڏوھاري پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا، ھن وڌيڪ چيو ته مارجي ويل ڏوھارين ڪراچي ۽ اتر سنڌ ۾ تباھي مچائي ڇڏي هئي جڏھن تـ ھنن ڦورن جو تعلق بين الصوبائي گروھ جي ڏوھارين سان پڻ جڙيل ھو، مارجي ويل ڏوھارين خلاف سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪيترائي ڦرن، ڌاڙن ۽ قتل جا ڪيس داخل ٿيل آهن، جڏھن تـ مارجي ويل ڏوھارين جو وڌيڪَ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪري رھيا آھيون، ٻئي طرف ايمبولينس ذريعي مارجي ويل ڏوھارين جا لاش تعلقي اسپتال نيو سعيدآباد منتقل ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.