ڪنڌڪوٽ (ن ع آ)ڪنڌڪوٽ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ عورت کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو.بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ميهر شاهه ۾ ڏير عبدالجبار سبزوئي مبينا طور ڪارو ڪاري جي ڪُڌي الزام هيٺ پنهنجي ڀاڄائي ذرين سبزوئي تي فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو.اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندس علاج جاري آهي. زخمي عورت جو موقف آهي ته جوابدار جو سبزوئي برادري جي ڪجهه ماڻهن سان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن ڪري مٿس ڪوڙو الزام هڻي کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.واقعي کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس اڃا تائين کيس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.