جيڪب آباد (عوامي آواز نيوز) جيڪب آباد ۾ نوجوان ناري سان اجتماعي زيادتي ڪري وڊيو ريڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو، الزام هڻندڙ ناري تسليم ڪوهيري چيو ته موبائل ٺهرائڻ لاءِ مارڪيٽ وئي هيس، هڪ ڇوڪري منهنجي موبائل ٺاهي، هن مون کان موبائل ورتو چيو ته سهي ٿيو آهي نه يا، هن مون کان موبائل ورتو، منهنجي موبائل مان هن نمبر ڪڍيو، هن ڪال ڪري چيو ته اوهان جو موبائل سهي ٿي ويو آهي ڪال ڪليئر اچي ٿي، هو مون کي ان کان پوءِ روزانو هاءِ هيلو جا ميسيج ڪندو رهيو، چار مهينا مون سان هن ڳالهايو، هن مون کي گهرايو، فراز کوسو هو اهو مون کي موٽرسائيڪل تي وٺڻ آيو، مان ان سان گڏ ويس، سومرا شاخ ڪراس ڪري وياسين، هن مون کي گهرايو ، پهريان ٽي مرد هئا، پوءِ 8 کان 10 مرد گڏ ٿي ويا، هنن 8 کان 10 مردن مون سان هٿيارن جي زور تي اجتماعي زيادتي ڪئي، هڪ نصيراڻي آهي ۽ ٻيا به ملوث آهن، مون کي بليڪ ميل ڪيو ويو، مون سان هنن وڏو ظلم ڪيو آهي، منهنجو گهر تباهه ڪيو آهي، جوابدارن منهنجون وڊيوز به ٺاهيون آهن، منهنجا والدين غريب آهن، سڄو ڏينهن مزوري ڪندا آهن، مجبور هيس، هنن منهنجي مجبوري جو فائدو ورتو، منهنجو هڪ مائٽ آهي ان کي سڄي خبر آهي، هڪ کان ڏيڍ سال تائين هي مون سان زيادتي ڪندا رهيا آهن، هنن مون کي سنگين نوعيت جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، اسان جي حياتين کي خطرو آهي، هنن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي تو ڏسيو ته وڊيوز انٽرنيٽ تي وائرل ڪنداسين، عدالت ۽ پوليس جون اعليٰ اختياريون مون سان انصاف ڪن ٻي صورت ۾ پاڻ ئي باهه ڏئي ساڙينديس، ٻئي پاسي بولان واسڻ ناري تسليم ڪوهيري سان اجتماعي زيادتي واري معاملي جو ايس ايس پي ڪيپٽن ر فيضان علي نوٽيس ورتو، متاثر ناري کي ڪئمپ آفيس گهرائي تفصيل ورتا ويا، ايس ايس پي جو چوڻ هو ته ٽيمون جوڙي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، ناري تسليم موجب ان جون وڊيوز رڪارڊ ڪري ڏيڍ سال تائين اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، ڏيڍ سال وڏو عرصو آهي جنهن لاءِ ڊي اين اي ممڪن ناهي جديد ٽيڪنالوجي جي مدد ۽ سي ڊي آر جي مدد سان جوابدارن کي ظاهر ڪيو ويندو، ناري سان زيادتي واري معاملي تي ضرورت پوڻ تي ايف آءِ اي کان مدد ورتو ويندو، جڏهن ته ناري تسليم ڪوھيري سان جنسي زيادتي ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل نوجوان جميل احمد نصيراڻي پريس ڪانفرنس بعد سي آءِ اي پوليس کي گرفتاري پيش ڪري ڇڏي، هن جو چوڻ هو ته آئون بيگناهه آهيان جنسي زيادتي جو الزام بي بنياد آهي، مان ناري کي ڏٺو به ناهي ڪجهه ڏينهن اڳ ناري جي مامي سڪندر ۽ سهيل بروهي نالي نوجوان منهنجي موبائيلن واري دوڪان تي پهچي مون کي ڌمڪيون ڏنيون، پوليس جاچ ۾ هر لحاظ سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.